Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:27 - Sindhi Bible

27 ۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو ختنو ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ ايشور جو نيم بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو ختنو ٿيل نہ آهي، پر ايشور جي نيم جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 جيتوڻيڪ اوهان يهودين جو طهر ٿيل آهي ۽ اوهان وٽ شريعت بہ موجود آهي، تڏهن بہ اوهين انهيءَ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو. تہ پوءِ غير قوم وارا جن جو طهر ٿيل نہ آهي، پر شريعت جهڙا عمل ڪن ٿا، تن جي ڪري اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 اوھان يھودين کي غير قومون ڏوھدار بڻائينديون، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين شريعت تي عمل نہ ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ اوھان وٽ شريعت لکيل آھي ۽ اوھان جو طھر بہ ٿيل آھي. پر غير قومون شريعت تي عمل ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ انھن جو طھر ٿيل نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:27
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مگر يسوع ورندي ڏيئي چيس هاڻي تہ ائين ڪر، ڇالاءِ جو اسان کي ائين ئي سڀ راستبازي پوري ڪرڻي آهي. تنهن کانپوءِ هن سندس ڳالهہ قبول ڪئي.


۽ جڏهن اُنهي کي برطرف ڪيائين، تڏهن دائود کي سندن بادشاهہ بنايائين؛ ۽ هيءَ شاهدي ڏيئي چيائين، تہ مون کي هڪڙو ماڻهو، يسيءَ جو پٽ دائود، پنهنجي دل وٽان مليو آهي، جو سڀ ڪنهن طرح منهنجيءَ مرضيءَ تي هلندو.


محبت پنهنجي پاڙيسريءَ سان بدي نٿي ڪري، تنهنڪري محبت شريعت جي تعميل آهي.


هن ڪري جو هو ڏيکارين ٿيون تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي لکيل آهن، ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، ۽ سندن خيال پاڻ ۾ هڪٻئي تي، يا الزام ٿا آڻين يا ڇُٽل ٿا رکن؛


بي عقلن جو سڌاريندڙ، ۽ ٻارن جو سيکاريندڙ آهين، ۽ علم ۽ سچ جي صورت شريعت ۾ تو وٽ موجود آهي؛


ڇالاءِ جو ختني مان بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن تون شريعت تي عمل ڪندين، پر جي شريعت تي نٿو هلين، تہ پوءِ تنهنجو ختنو جهڙو آهي، تهڙو ناهي.


تنهنڪري جنهن شخص جو ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو، تہ سندس نامختوني بہ ختني جهڙي ڪري نہ ليکبي ڇا؟


پر يهودي اُهو آهي، جو اندر ۾ يهودي آهي، ۽ ختنو اُهو آهي، جو دل جو ۽ روحاني آهي، نہ نالي جو: اهڙي جي تعريف ماڻهن کان نہ، پر خدا جي طرفان ٿي ٿئي.


جي ائين آهي تہ خدا هڪڙو آهي، جو مختونن کي بہ ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، ۽ جيڪي نامختون آهن، تن کي بہ ايمان جي ڪري.


انهي لاءِ تہ اسين جي جسم موجب نہ پر روح موجب هلون ٿا، سي شريعت جو حق پورو ڪريون.


ختنو ڪرائڻ توڙي نہ ڪرائڻ ڪي بہ ڪينهي پر خدا جي حڪمن تي هلڻ سڀ ڪجهہ آهي.


جنهن اسان کي نئين عهد جي خادم ٿيڻ جو لائق ڪيو، نہ لفظن جو پر روح جو؛ ڇالاءِ جو لفظ ماري ٿا وجهن، پر روح جياري ٿو.


هن ڪري جو ساري شريعت هڪڙي ئي ڳالهہ ۾ پوري ٿي ٿئي؛ يعني هن ۾ تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.“


سو ياد رکو تہ اوهين، جي اڳي جسم جي ڪري غير قوم هئا، ۽ جن کي اهي نامختون ٿا سڏين، جي پاڻ جسماني ختني جي ڪري، جو هٿن سان ڪيل آهي، مختون ٿا سڏجن،


۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.


ايمان ئي جي ڪري اسين سمجهون ٿا تہ عالم خدا جي ڪلام سان جڙيو ۽ انهن شين مان جي ظاهري ڏسڻ ۾ نٿيون اچن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ