Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:25 - Sindhi Bible

25 ڇالاءِ جو ختني مان بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن تون شريعت تي عمل ڪندين، پر جي شريعت تي نٿو هلين، تہ پوءِ تنهنجو ختنو جهڙو آهي، تهڙو ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 ختنو ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين ايشور جي نيم تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ نيم جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو ختنو جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 طهر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آهي، پر تڏهن جڏهن اوهين شريعت تي عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ شريعت جي ئي ڀڃڪڙي ٿا ڪريو تہ پوءِ اوهان جو طهر جهڙو ٿيو تهڙو نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 طھر ڪرائڻ مان تہ بيشڪ فائدو آھي، پر تڏھن جڏھن تون شريعت تي عمل ڪرين. پر جيڪڏھن تون شريعت تي عمل ئي نہ ٿو ڪرين تہ پوءِ تنھنجو طھر جھڙو ٿيو تھڙو نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:25
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


ڇالاءِ جو شريعت جي ٻُڌڻ وارا خدا جي اڳيان سچا ناهن، پر شريعت تي عمل ڪرڻ وارا سچا ٺهربا.


تون جو شريعت تي فخر ٿو ڪرين، سو شريعت کي ڀڃي خدا جي بي عزتي ٿو ڪرين ڇا؟


تنهنڪري جنهن شخص جو ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت جي حڪمن تي عمل ڪندو، تہ سندس نامختوني بہ ختني جهڙي ڪري نہ ليکبي ڇا؟


۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟


ڇالاءِ تہ اُهو يهودي نہ آهي جو نالي ڪري آهي، ۽ نڪي اُهو ختنو آهي جو ظاهري ۽ جسماني آهي.


ختنو ڪرائڻ توڙي نہ ڪرائڻ ڪي بہ ڪينهي پر خدا جي حڪمن تي هلڻ سڀ ڪجهہ آهي.


ڇالاءِ جو ختني وارا پاڻ بہ شريعت تي عمل نٿا ڪن؛ پر اُهي انهي لاءِ اوهان جو ختنو ڪرائڻ ٿا گهُرن تہ اوهان جي جسماني حالت تي فخر ڪن.


ڇالاءِ جو مختوني ڪجهہ بہ نہ آهي، ۽ نامختوني بہ ڪجهہ نہ آهي، پر جيڪي آهي سو نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ