Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:21 - Sindhi Bible

21 تنهنڪري تون جو ٻين کي سيکارين ٿو، سو پنهنجو پاڻ کي نٿو سيکارين ڇا؟ تون جو وعظ ڪري ٿو چئين تہ چوري نہ ڪر، سو تون پاڻ چوري ٿو ڪرين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 هاڻ ٻڌايو تہ ٻين کي تہ اوهين اهو سڀ سيکاريو ٿا، پر پاڻ ڇو نہ ٿا سکو؟ اوهين اعلان ڪريو ٿا تہ ”چوري نہ ڪريو،“ پر پاڻ چوري ڇو ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هاڻ ٻڌايو تہ ٻين کي تہ اوهين اهو سڀ سيکاريو ٿا، پر پاڻ ڇو نہ ٿا سکو؟ اوهين اعلان ڪريو ٿا تہ ”چوري نہ ڪريو،“ پر پاڻ چوري ڇو ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ٻين کي تہ تون اھو سيکارين ٿو پر پاڻ کي ڇو نہ ٿو سيکارين؟ تون تبليغ تہ ڪرين ٿو تہ ”چوري نہ ڪر.“ پر تون پاڻ چوري ڇو ٿو ڪرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو.


هائو، اهي هٻڇي ڪتا آهن، جي ڪڏهن بہ ڍاپن نٿا؛ هي اُهي ڌنار آهن، جن کي ڪابہ سمجهہ ڪانهي: اُهي سڀيئي هر ڪنهن طرفان پنهنجي فائدي جي لاءِ پنهنجي رستي تي موٽي آيا آهن.


هنن جا سردار سندن وچ ۾ انهن بگهڙن وانگر آهن، جي شڪار ڦاڙيندا آهن، انهي لاءِ تہ رت وهائين ۽ ماڻهن کي ناس ڪن، ۽ انهي طرح ڪپت سان فائدو حاصل ڪن.


انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


۽ انهن کي چيائين تہ لکيل آهي تہ ”منهنجو گهر دعا جو گهر سڏبو:“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنائي آهي.


هن چيو، تہ اي شريعت جا عالمو، افسوس اوهان تي! جو اوهين ماڻهن تي اهڙا بار ٿا رکو جي کڄڻ مشڪل آهن، پر پاڻ انهن کي هڪڙي آڱر بہ نٿا لايو.


۽ اُهو نوڪر جنهن کي پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ جي خبر هئي، ۽ تياري نہ ڪيائين، نڪي هن جي مرضيءَ موجب هليو، تنهن کي خوب مار ملندي.


هن چيس، تہ اي خراب نوڪر، تنهنجي ئي واتان آئون تنهنجو نبيرو ڪندس! جڏهن توکي سُڌ هئي تہ آئون سخت ماڻهو آهيان، ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان، ۽ جيڪي پوکيو ئي ڪين اٿم سو پيو لُڻان؛


تڏهن چيائينس تہ اوهين ضرور مون کي هيءُ مثال ڏيندا تہ اي طبيب، پاڻ کي تہ ڇُٽاءِ: جيڪي اسان ٻڌو آهي تہ تو ڪفرناحوم ۾ ڪيو آهي، سو هت پنهنجي وطن ۾ بہ ڪري ڏيکار.


بلڪ آئون پنهنجي بدن کي مُڪون ٿو هڻان ۽ انهي کي قابو ٿو ڪريان، تہ متان ٻين کي منادي ڪرڻ کانپوءِ پاڻ قبول نہ پوان.


ڇالاءِ جو ختني وارا پاڻ بہ شريعت تي عمل نٿا ڪن؛ پر اُهي انهي لاءِ اوهان جو ختنو ڪرائڻ ٿا گهُرن تہ اوهان جي جسماني حالت تي فخر ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ