Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:20 - Sindhi Bible

20 بي عقلن جو سڌاريندڙ، ۽ ٻارن جو سيکاريندڙ آهين، ۽ علم ۽ سچ جي صورت شريعت ۾ تو وٽ موجود آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 اسين بي‌سمجھن کي سمجھائيندڙ ۽ نوجوانن کي سکيا ڏيندڙ آهيون، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي نيم جي صورت ۾ سڄي ڄاڻ ۽ حق سچ اسان وٽ موجود آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اسين بي‌سمجھن کي سمجھائيندڙ ۽ نوجوانن جا استاد آهيون، ڇاڪاڻ تہ شريعت جي صورت ۾ سڄي ڄاڻ ۽ حق سچ اسان وٽ موجود آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 تون بي⁠وقوفن کي سڌاريندڙ ۽ جوانن لاءِ استاد آھين. تو کي يقين آھي تہ سڄو علم ۽ سچ تو وٽ شريعت ۾ موجود آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي،


۽ اها پڪ اٿيئي تہ تون پاڻ انڌن جو سونهون آهين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ آهن، تن جو سوجهرو آهين؛


تڏهن اسين شريعت کي ايمان جي ڪري رد ٿا ڪريون ڇا؟ اصل ئي نہ، بلڪ اسين شريعت کي قائم ٿا ڪريون.


پر خدا جو شڪر آهي، جو جيتوڻيڪ اوهين گناهہ جا غلام هئا، تہ بہ جيڪا تعليم اوهان کي ڏني ويئي، تنهن جا دل سان تابعدار ٿيا؛


۽ اي ڀائرو، آئون اوهان سان اهڙيءَ طرح ڳالهائي نہ سگهيس جهڙيءَ طرح اُنهن سان ڳالهائبو آهي جي روحاني آهن، پر اهڙيءَ طرح جيئن جسماني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، يعني انهن سان جي مسيح ۾ ٻارڙا آهن.


جيڪي صحيح ڳالهيون تو مون کان ٻُڌيون، تن جو نمونو انهي ايمان ۽ محبت سان دل ۾ رکج، جو مسيح يسوع ۾ آهي.


دينداريءَ جو ظاهري نمونو رکندڙ، پر انهي جي اثر کان خالي ٿيندا. اهڙن کان بہ پاسو ڪج.


هو چون ٿا تہ اسان کي خدا جي پروڙ آهي؛ پر پنهنجن ڪمن سان هو انهي جو انڪار ٿا ڪن، جو هو نفرتي ۽ نافرمان آهن، ۽ ڪنهن بہ نيڪ ڪم ڪرڻ جا لائق نہ آهن.


ڇالاءِ جو جيڪو کير پياڪ آهي، تنهن کي راستبازيءَ جي ڪلام جو ڪوبہ آزمودو ڪونهي، جو هو اڃا ٻار آهي.


اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.


نوزاد ڄاول ٻارن وانگر اُنهي نج روحاني کير جا خواهشمند ٿيو، تہ انهي تي نپجي نجات حاصل ڪريو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ