Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:14 - Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو غير قومون، جن وٽ شريعت ڪانهي، سي جڏهن طبيعت موجب شريعت جهڙا ڪم ٿيون ڪن، تڏهن جيتوڻيڪ هنن وٽ شريعت نہ آهي، تہ بہ هو پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 غير قومون جن وٽ ايشور جو نيم ڪونهي سي جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب ايشور جي نيم جهڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اهي پنهنجي لاءِ پاڻ نيم آهن، توڙي جو انهن وٽ سندس نيم نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 غير قومون جن وٽ شريعت ڪانهي سي جيڪڏهن پنهنجي فطرت موجب شريعت جهڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اهي پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن، توڙي جو انهن وٽ شريعت نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 غير قومون جن وٽ شريعت ڪانھي سي جيڪڏھن پنھنجي فطرت موجب شريعت جھڙا ڪم ڪن ٿيون تہ اھي پنھنجي لاءِ پاڻ شريعت آھن، توڙي جو انھن وٽ شريعت نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر سڀ ڪنهن قوم ۾ جيڪو کانئس ڊڄي ٿو ۽ راستبازيءَ تي هلي ٿو، سو وٽس قبول ٿو پوي.


جنهن گذريل زماني ۾ سڀني قومن کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ ڏنو،


تنهنڪري جن زمانن ۾ ماڻهو اڻڄاڻ هئا، تن زمانن ۾ خدا چشم پوشي ڪئي؛ پر هاڻي هو ماڻهن کي حڪم ٿو ڏئي تہ جتي هجن، اتي سڀيئي توبهہ ڪن:


۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.


جن شريعت ملڻ کانسواءِ گناهہ ڪيو، سي سڀ شريعت کانسواءِ چٽ ٿيندا: ۽ جن شريعت هيٺ گناهہ ڪيو، تن جو انصاف بہ شريعت موجب ٿيندو؛


هن ڪري جو هو ڏيکارين ٿيون تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي لکيل آهن، ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، ۽ سندن خيال پاڻ ۾ هڪٻئي تي، يا الزام ٿا آڻين يا ڇُٽل ٿا رکن؛


۽ جنهن شخص جو قوميت جي ڪري ختنو ٿيل نہ آهي، سو جيڪڏهن شريعت تي عمل ڪندو، تہ تون جو ڪلام ۽ ختني هوندي بہ شريعت تي نٿو هلين، تنهن کي اُهو قصوروار نہ ٺهرائيندو ڇا؟


خود طبعي طور اوهان کي خبر نٿي پوي ڇا تہ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي ڊگها وار هوندا تہ اها سندس بي آبرو آهي؟


جن وٽ شريعت ڪانهي، تن جي لاءِ آئون بي شريعت جهڙو ٿيس، اگرچہ خدا جي اڳيان آئون بي شريعت نہ هوس، پر مسيح جي شريعت هيٺ هوس، سو انهي لاءِ تہ جيڪي بي شريعت آهن تن کي هٿ ڪريان.


۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا،


انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:


ڇالاءِ جو اهڙي وڏي قوم ڪهڙي آهي، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجهو هجي، جهڙو خداوند اسان جو خدا اسان جي دعا گهرڻ وقت اسان کي ويجهو آهي؟


هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ