Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:12 - Sindhi Bible

12 جن شريعت ملڻ کانسواءِ گناهہ ڪيو، سي سڀ شريعت کانسواءِ چٽ ٿيندا: ۽ جن شريعت هيٺ گناهہ ڪيو، تن جو انصاف بہ شريعت موجب ٿيندو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ايشور هر پاپ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن موسيٰ جي معرفت مليل نيم کان سواءِ پاپ ڪيا، سي انهيءَ نيم کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن موسيٰ جي نيم هوندي پاپ ڪيا، تن جو فيصلو بہ انهيءَ نيم موجب ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 خدا هر گناهہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. هائو، غير قوم وارا جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناهہ ڪيا، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ يهودي جن شريعت هوندي گناهہ ڪيا، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 خدا ھر گناھہ ڪندڙ کي سزا ڏيندو. جن شريعت جي ملڻ کان سواءِ گناھہ ڪيو، سي شريعت کان سواءِ ئي ناس ٿيندا ۽ جن شريعت ھوندي گناھہ ڪيو، تن جو فيصلو بہ شريعت موجب ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:12
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن صور ۽ صيدا لاءِ اُها گهڙي اوهان کان وڌيڪ سولي ٿيندي.


تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن سدوم جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي توکان وڌيڪ سولي ٿيندي.


يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.


۽ جڏهن هو خدا جي مقرر انتظام ۽ پيش بينيءَ جي ڪري جهلايو ويو، تڏهن هن کي اوهان بي دين ماڻهن جي هٿان صليب تي چاڙهي مارايو:


۽ هنن کي خدا جي انهي حڪم جي خبر آهي، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي موت جي لائق آهن، انهيءَ هوندي بہ نہ رڳو هو پاڻ اُهي ساڳيا ڪم پيا ڪن، پر ٻيا جيڪي اُهي ڪن ٿا، تن سان راضي ٿا رهن.


ڇالاءِ جو شريعت تہ غضب پيدا ٿي ڪري، پر جتي شريعت ڪانهي اُتي نافرماني بہ ڪانهي.


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


جن وٽ شريعت ڪانهي، تن جي لاءِ آئون بي شريعت جهڙو ٿيس، اگرچہ خدا جي اڳيان آئون بي شريعت نہ هوس، پر مسيح جي شريعت هيٺ هوس، سو انهي لاءِ تہ جيڪي بي شريعت آهن تن کي هٿ ڪريان.


ڇالاءِ تہ جيڪي بہ شريعت جي ڪمن تي يقين ٿا ڪن، سي سڀ لعنت هيٺ آهن؛ هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


مگر پاڪ ڪتاب سڀ ڪجهہ گناهہ هيٺ بند ڪري رکيو آهي، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري اُهو واعدو ايمان وارن کي ملي.


جيڪو ماڻهو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم رهي عمل نہ ڪري، سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


ڇالاءِ جو جنهن سڄيءَ شريعت تي عمل ڪيو ۽ پوءِ بہ هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ قصور ڪيائين، تہ اُهو سڀني ڳالهين ۾ ڏوهاري ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ