Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:11 - Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو خدا وٽ ڪنهن جي بہ پاسخاطري ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ڇاڪاڻ تہ ايشور ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ڇاڪاڻ تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ڇالاءِ⁠جو خدا ڪنھن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي گهرجي تہ خداوند جو خوف اوهان تي هجي؛ جيڪي ڪريو سو خبرداري سان ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا وٽ بي انصافي ڪانهي، نہ ماڻهن سان پاسداري، ۽ نہ رشوت خوري.


تڏهن ڪيترو نہ گهٽ انهيءَ کي ائين چوڻ مناسب آهي، جو نہ شهزادن جي پاسداري ٿو ڪري، ۽ نہ دنيادارن کي غريبن کان زيادہ مان ٿو ڏئي؟ ڇالاءِ جو اُهي سڀ سندس هٿن جا جڙيل آهن.


۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.


۽ اُنهن پڇيس، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون جيڪي چئين ۽ سيکارين ٿو، سو برابر آهي ۽ ڪنهن جي بہ طرفداري نٿو ڪرين، پر خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين:


تڏهن پطرس پنهنجو وات کولي چوڻ لڳو تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاسخاطري نٿو ڪري؛


تڏهن اسين ڇا چئون؟ خدا وٽ بي انصافي آهي ڇا؟ اصل ئي نہ!


پر جيڪي ماڻهو معزز ليکبا هئا (پوءِ اُهي ڪهڙا بہ هئا، تن سان منهنجو واسطو ڪونهي: خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي طرفداري نٿو ڪري.) انهن معززن مان مون کي ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي؛


۽ اي مالڪو، اوهين بہ دڙڪو تاب ڇڏي هنن سان ساڳي اهڙي هلت ڪريو: جو ڄاڻو ٿا تہ هنن جو توڙي اوهان جو ڌڻي آسمان ۾ آهي، ۽ اهو ڪنهن جي بہ طرفداري ڪانہ ڪندو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا، جو خدائن جو خدا، ۽ خداوندن جو خدا آهي، جو عظيم، قادر، ۽ خوفناڪ خدا آهي، هو ماڻهن جي طرفداري نٿو ڪري، ۽ نڪي رشوت ٿو وٺي.


تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


ڇالاءِ جو جيڪو برائي ٿو ڪري، تنهن کي پنهنجي برائيءَ جو بدلو ملندو: اتي ماڻهن جي طرفداري ڪانهي.


۽ جيڪڏهن اوهين انهي کي ابو ڪري ٿا سڏيو، جو بنا پاسخاطريءَ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم موجب انصاف ٿو ڪري، تہ پنهنجي مسافريءَ جو وقت خوف ۾ گذاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ