Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 2:1 - Sindhi Bible

1 اي انسان، تون کڻي ڪير بہ هجين، پر تون جو ٻين تي ڏوهہ ٿو رٿين، تنهن لاءِ توکي ڪو عذر ڪونهي: ڇالاءِ جو جنهن ڳالهہ بابت تون ٻئي تي ڏوهہ ٿو رکين، تنهن جو تون پاڻ کي ڏوهاري ٿو ٺهرائين، هن ڪري تہ تون جو ڏوهہ ٿو رکين، سو پاڻ اُهي ڪم ٿو ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اي انسان! ڇا تون ٻين جي عيب⁠جوئي ڪندو آھين؟ تو کي ڪوبہ حق نہ ٿو پھچي، کڻي تون ڪير بہ ھجين. ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڏوھہ تون ٻين تي ٿو مڙھين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوھاري ٿو ٺھرائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 2:1
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن چيس، تہ اي ادا، مون کي اوهان جي مٿان منصف يا امين ڪنهن ٺهرايو آهي؟


هن چيس، تہ اي خراب نوڪر، تنهنجي ئي واتان آئون تنهنجو نبيرو ڪندس! جڏهن توکي سُڌ هئي تہ آئون سخت ماڻهو آهيان، ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان، ۽ جيڪي پوکيو ئي ڪين اٿم سو پيو لُڻان؛


۽ عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي، ۽ ڪنهن کي ڏوهاري نہ ٺهرايو، تہ اوهين بہ ڏوهاري نہ ٺهربا. آزاد ڪريو، تہ اوهان کي بہ آزدگي ملي:


جيڪو تنهنجو اعتقاد آهي سو خدا جي اڳيان پنهنجي دل ئي ۾ رک؛ مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جو جيڪا شيءِ هن جي نظر ۾ چڱي آهي، تنهن تي شڪ شبهو نٿو ڪري.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو انصاف خدا جي طرفان حق موجب ٿو ٿئي.


اي انسان، تون جو اهڙن ڪمن ڪرڻ وارن تي ڏوهہ ٿو رکين، ۽ پاڻ اُهي ئي ساڳيا ڪم ٿو ڪرين، سو ائين سمجهين ٿو ڇا، تہ خدا جي عدالت کان بچي ويندين؟


تڏهن ڇا ٿيو؟ اسان جي حالت کانئن بري آهي ڇا؟ اصل ئي نہ: ڇالاءِ جو اسان اڳي بہ ڏيکاريو آهي، تہ يهودي توڙي يوناني سڀيئي گناهہ ۾ ڦاٿل آهن،


اي انسان، ڀلا تون ڪير آهين جو خدا جي سامهون جواب ٿو ڏين؟ جڙيل شيءِ ڪا جوڙيندڙ کي چوندي ڇا تہ تو مون کي ههڙو ڇو جوڙيو؟


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


اي زال، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجو مڙس بچي پوي؟ يا اي مڙس، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجي زال بچي پوي؟


پر اي بيهودا ماڻهو، ايترو نٿو ڄاڻين تہ عمل کانسواءِ ايمان نڪمو آهي؟


اي ڀائرو، هڪٻئي جي برخلاف نہ ڳالهايو. جيڪو ڪنهن ڀاءُ جي بدگوئي ٿو ڪري، يا پنهنجي ڀاءُ تي ڪو الزام ٿو آڻي، سو شريعت جي برخلاف ٿو ڳالهائي، ۽ شريعت تي الزام ٿو آڻي. پر جي تون شريعت تي الزام ٿو آڻين تہ تون شريعت تي عمل نہ پر عدالت ٿو ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ