Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:9 - Sindhi Bible

9 اُربانس، جو مسيح ۾ مون سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهي، تنهن کي ۽ منهنجي پياري استخس کي سلام ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اُربانُس کي منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪو اسان وانگر مسيح جي سيوا ڪندڙ ساٿي آهي. منهنجي پياري دوست استخس کي بہ نمسڪار چئجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اُربانُس کي منهنجا سلام ڏجو، جيڪو اسان وانگر مسيح جي خدمت ڪندڙ ساٿي آهي. منهنجي پياري دوست استخس کي بہ سلام ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اُربانس کي منھنجا سلام ڏجو، جيڪو مسيح جي خدمت ۾ مون سان گڏ آھي ۽ منھنجي پياري دوست استاخس کي بہ سلام ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجو هم خدمت تيمٿيس، منهنجا مائٽ لوڪيس ۽ ياسون ۽ سوسيپطرس اوهان کي سلام ٿا ڏين.


منهنجن مائٽن ۽ مون سان گڏ قيد ٿيلن، اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جي رسولن ۾ مشهور آهن، ۽ مون کان اڳي مسيح ۾ شامل ٿيا آهن.


امپلياطس کي سلام ڏجو، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو آهي.


جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.


مسيح ۾ هڪڙي شخص جي مون کي خبر آهي تہ چوڏهن ورهيہ ٿيا جو هو ٽئين آسمان تائين کڄي ويو. (مون کي خبر ناهي تہ بدن ۾ ويو، يا بدن کانسواءِ، انهي جي خبر خدا کي آهي.)


تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح ۾ آهي تہ هو نئون مخلوق آهي: پراڻيون شيون گذري ويون؛ ڏسو، هو نوان ٿي پيا آهن.


۽ يهوديہ جون ڪليسيائون، جي مسيح ۾ هيون، تن سان اڃا منهنجي واقفيت ڪانہ ٿي هئي.


پر مون ضروري سمجهيو تہ اپفروديتس کي اوهان ڏانهن موڪليان، جو منهنجو ڀاءُ، ۽ هم خدمت، ۽ هم سپاهہ، ۽ اوهان جو قاصد، ۽ منهنجين گهُرجن پلڻ وارو خادم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ