Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:2 - Sindhi Bible

2 تہ اوهين هن کي خداوند ۾ قبول ڪريو، جيئن پاڪ ٿيلن کي واجب آهي، ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اوهان جي ضرورت هجيس، تنهن ۾ سندس مدد ڪجو، ڇالاءِ جو هوءَ پاڻ بہ گهڻن ئي جي مددگار ٿي رهي آهي، بلڪ خود منهنجي بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اوهين پرڀو يسوع جي نالي هن جو اهڙيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪجو، جهڙيءَ طرح مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن تي واجب آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ضرورت هجي تہ ان ۾ سندس مدد ڪجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ۽ خود منهنجي بہ مدد ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اوهين خداوند عيسيٰ جي نالي هن جو اهڙيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪجو، جهڙيءَ طرح مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن تي واجب آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا ضرورت هجي تہ ان ۾ سندس مدد ڪجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ۽ خود منهنجي بہ مدد ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اوھين کيس خداوند جي نالي قبول ڪريو، جيئن ايمان وارن تي واجب آھي ۽ جنھن ڳالھہ ۾ کيس اوھان جي ضرورت ھجي تنھن ۾ سندس مدد ڪريو، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترن ئي ماڻھن جي ۽ خود منھنجي بہ مدد ڪئي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:2
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


پر حنانياہ ورندي ڏني، تہ اي خداوند، مون گهڻن کان هن ماڻهوءَ بابت ٻُڌو آهي تہ يروشلم ۾ تنهنجي پاڪ ٿيلن سان ڪهڙيون نہ جُٺيون ڪيون اٿس:


پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:


هاڻي يافا ۾ هڪڙي شاگردياڻي هئي، جنهن جو نالو طبيتا هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”هرڻي“؛ اُها زال گهڻا ئي نيڪ ڪم ڪندي ۽ خيراتون ڏيندي هئي.


تڏهن پطرس اُٿي ساڻن هليو. ۽ جڏهن هو اُتي اچي پهتو، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي وٺي آيس، ۽ سڀ بيوهون روئنديون وٽس اچي بيٺيون؛ ۽ جيڪي ڪُرتا ۽ ڪپڙا هن سندن لاءِ جوڙيا هئا، سي ڏيکارڻ لڳيس.


پوءِ هن هٿ ڏيئي اُٿاريس، ۽ انهن پاڪ ٿيلن ۽ بيوهن کي سڏي اُها جيئري جاڳندي سندن حوالي ڪيائين.


تنهنڪري جيئن مسيح خدا جي جلال لاءِ اوهان کي قبول ڪيو، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي قبول ڪريو.


فِللگس ۽ يوليہ ۽ نيريوس ۽ سندس ڀيڻ، ۽ المپاس ۽ اُنهن سڀني پاڪ ٿيلن کي، جي ساڻن آهن، تن کي سلام ڏجو.


منهنجو ۽ ساريءَ ڪليسيا جو مهماندار گيس اوهان کي سلام ٿو ڏئي. ارستس، شهر جو خزانچي ۽ ڪوارتس اسان جو ڀاءُ، اوهان کي سلام ٿا ڏين.


مريم کي سلام ڏجو، جنهن اوهان جي لاءِ گهڻي محنت ڪئي.


اُربانس، جو مسيح ۾ مون سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهي، تنهن کي ۽ منهنجي پياري استخس کي سلام ڏجو.


پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي.


رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.


تنهنڪري خداوند ۾ گهڻي خوشيءَ سان هن جو استقبال ڪجو؛ ۽ اهڙن کي عزت ڏيندا رهجو:


ارسترخس، جو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، ۽ برناباس جي سوٽ مرقس (جنهن جي بابت اوهان کي حڪم مليو، اهو جي اوهان وٽ اچي تہ انهي جو استقبال ڪجو.)


پر چڱن ڪمن سان (جيئن ڪ انهن زالن کي مناسب آهي، جي پاڻ کي خدا پرست ٿيون چوائين.)


(شل خداوند هن کي اهو بخشي تہ انهي ڏينهن کيس خدا جو رحم حاصل ٿئي؛) ۽ جيڪي خدمتون هن افسس ۾ ڪيون، سي تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو.


ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛


انهي کي، يعني خود پنهنجي جگر جي ٽڪري کي، آئون تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.


تنهنڪري جيڪڏهن تون مون کي شريڪ ٿو سمجهين، تہ هن کي ائين قبول ڪج جيئن مون کي.


جيڪڏهن ڪوبہ اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي، تہ انهي کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي سلام ڪريوس؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ