Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:12 - Sindhi Bible

12 تروفينا ۽ تروفوسہ، جي خداوند ۾ محنت ٿيون ڪن، تن کي سلام ڏجو. پياري پرسس کي سلام ڏجو، جنهن خداوند ۾ گهڻو پورهيو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي پرڀو يسوع جي سيوا ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا نمسڪار چئجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جنهن پرڀو يسوع لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند عيسيٰ جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون، تن کي منهنجا سلام ڏجو. پياري ڀيڻ پرسس کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جنهن خداوند عيسيٰ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 تروفينا ۽ تروفوسا، جيڪي خداوند جي خدمت ۾ محنت ڪن ٿيون تن کي منھنجا سلام ڏجو. پياري پرسس کي بہ منھنجا سلام ڏجو، جنھن خداوند لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪندا، تہ پوءِ ٻين کان وڌيڪ اوهان ڇا ڪيو؟ غير قومن وارا بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟


تنهنڪري اوهين فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ هو پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي.


منهنجي مائٽ هيروديون کي سلام ڏجو. نرڪسس جي گهر وارا، جي خداوند ۾ آهن، تن کي سلام ڏجو.


روفس، جو خداوند ۾ چونڊيل آهي، ۽ سندس ماءُ، جا منهنجي بہ ماءُ آهي، تن کي سلام ڏجو.


پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو.


تنهنڪري اي منهنجا پيارا ڀائرو، اوهين ثابت قدم ۽ قائم رهو، ۽ خداوند جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا وڃو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اوهان جي محنت خداوند ۾ اجائي نٿي ٿئي.


تہ اوهين بہ اهڙن ماڻهن جي، ۽ جيڪي انهي ڪم ۾ مددگار ۽ پورهيت آهن، تن جي تابعداريءَ ۾ رهو.


انهي لاءِ آئون بہ سندس انهيءَ قدرت موافق سرگرميءَ سان محنت پيو ڪريان، جا مون ۾ تمام گهڻو اثر ٿي ڪري.


اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو.


۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛


انهي لاءِ ئي اسين پورهيو ٿا ڪريون ۽ ڪشالا پيا ڪڍون، جو اسان جي اُميد انهي زندہ خدا تي رکيل آهي، جو سڀني ماڻهن جو، خاص ڪري ايمان وارن جو، نجات ڏيندڙ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ