Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 16:10 - Sindhi Bible

10 اپليس، جو مسيح جو مقبول آهي، تنهن کي سلام ڏجو. ۽ جيڪي ارستبولس جي گهر جا ڀاتي آهن، تن کي سلام ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 اپليس کي نمسڪار چئجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن وشواسين کي بہ منهنجا نمسڪار چئجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اپليس کي سلام ڏجو، جنهن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آهي. انهن ايمان وارن کي بہ منهنجا سلام ڏجو، جيڪي ارستبولس جي گھر ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 اپليس کي سلام ڏجو، جنھن جي مسيح سان وفاداري ثابت ٿي چڪي آھي. ارستبولس جي گھر جي ڀاتين کي بہ منھنجا سلام ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 16:10
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي.


پرسڪا ۽ اِڪولہ، جي مسيح يسوع ۾ مون سان گڏ خدمتگار آهن، تن کي سلام ڏجو،


منهنجن مائٽن ۽ مون سان گڏ قيد ٿيلن، اندرنيڪس ۽ يونياس کي سلام ڏجو، جي رسولن ۾ مشهور آهن، ۽ مون کان اڳي مسيح ۾ شامل ٿيا آهن.


جيڪڏهن اُنهي جو روح اوهان ۾ رهي ٿو، جنهن يسوع کي مُئلن مان جياريو، تہ جنهن مسيح يسوع کي مُئلن مان جياريو، سو پنهنجي روح جي وسيلي، جو اوهان ۾ ٿو رهي، اوهان جي فاني بدنن کي بہ جياريندو.


هن ڪري جو اوهان جي وچ ۾ ضرور بدعتون هونديون تہ اوهين ثابت ڪريو تہ ڪير قبول آهن.


مسيح ۾ هڪڙي شخص جي مون کي خبر آهي تہ چوڏهن ورهيہ ٿيا جو هو ٽئين آسمان تائين کڄي ويو. (مون کي خبر ناهي تہ بدن ۾ ويو، يا بدن کانسواءِ، انهي جي خبر خدا کي آهي.)


ڇالاءِ جو مون انهي لاءِ بہ لکيو تہ آئون اوهان کي آزمايان تہ سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.


تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح ۾ آهي تہ هو نئون مخلوق آهي: پراڻيون شيون گذري ويون؛ ڏسو، هو نوان ٿي پيا آهن.


۽ انهن سان گڏ اسان پنهنجي انهي ڀاءُ کي موڪليو آهي، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا گهڻين ڳالهين ۾ آزمائي ڏٺو اٿئون تہ سرگرميءَ وارو آهي، ۽ هاڻي تہ پاڻ وڌيڪ سرگرمي اٿس، ڇالاءِ جو هن کي اوهان ۾ وڏي اُميد آهي.


۽ يهوديہ جون ڪليسيائون، جي مسيح ۾ هيون، تن سان اڃا منهنجي واقفيت ڪانہ ٿي هئي.


۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.


پر اوهان کي ذاتي خبر آهي تہ جيئن ڪو پٽ پيءُ جي خدمت ڪري، تيئن هن مون سان گڏ انجيل ڦهلائڻ جي خدمت ڪئي آهي.


۽ انهن جو بہ پهرين آزمودو وٺڻ گهرجي، پوءِ جي بي عيب ثابت ٿين، تہ ڀلي پنهنجي عهدي جو ڪم ڪن.


پرسڪا ۽ اڪولہ ۽ انيسفرس جي گهراڻي کي سلام ڏج.


انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ