Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 15:6 - Sindhi Bible

6 انهي لاءِ تہ اوهين يڪدل ۽ يڪ زبان ٿي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي وڏائي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان ايشور جي مهما ڪريو، جيڪو اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو پتا آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان خدا جي واکاڻ ڪريو، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 انھيءَ لاءِ تہ جيئن اوھين يڪدل ۽ يڪ⁠زبان ٿي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 15:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهي کان پوءِ آءٌ وري ماڻهن جي زبان پاڪ ڪندس، تہ هو سڀ خداوند کان دعا گهرن، ۽ هڪ دل ٿي هن جي عبادت ڪن.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


يسوع چيس تہ مون کي هٿ نہ لاءِ، ڇو جو آئون اڃا پيءُ وٽ چڙهي نہ ويو آهيان: پر منهنجن ڀائرن وٽ وڃ، ۽ چئينِ تہ آئون چڙهي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ وٽ، پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا وٽ.


۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن سڀني گڏجي هڪ دل ٿي وڏي آواز سان خدا کي پڪاري چيو، تہ اي خداوند، تون اهو آهين جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو سڀ خلقيو؛


۽ ايمان وارن جي جماعت يڪ دل ۽ يڪ جان هئي، ۽ منجهانئن ڪوبہ ائين ڪونہ چوندو هو تہ جيڪا ملڪيت مون وٽ آهي سا منهنجي آهي. بلڪ هو سڀني شين ۾ هڪ جهڙا ڀائيوار هوندا هئا.


اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف هجي، جو رحمتن جو پيءُ ۽ سڀ ڪنهن تسلي جو خدا آهي.


خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ، جو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي، سو ٿو ڄاڻي تہ آئون ڪوڙ نٿو چوان.


تہ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا، جو جلال وارو پيءُ آهي، سو اوهان کي دانائي ۽ مڪاشفي جو روح بخشي؛ (تہ اوهين سندس معرفت حاصل ڪريو).


اسان جي خداوند يسوع مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي تعريف ٿئي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسماني جاين تي هر طرح جي روحاني برڪت بخشي.


اسين هميشہ اوهان جي لاءِ دعا گهُري پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون،


اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا ۽ پيءُ مبارڪ هجي، جنهن پنهنجي بيحد رحم سان يسوع مسيح جي مُئلن مان جي اُٿڻ جي ڪري اسان کي زيادہ اُميد جي لاءِ وري نئين سر پيدا ڪيو؛


۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ