Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 14:3 - Sindhi Bible

3 جيڪو کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي حقير نہ سمجهي، ۽ جيڪو نٿو کائي سو کائڻ واري تي الزام نہ لڳائي: ڇالاءِ جو خدا هن کي قبول ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تهمت نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ ايشور ٻنهي کي قبول ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تهمت نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ خدا ٻنهي کي قبول ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 جيڪو سڀ ڪجھہ کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي گھٽ نہ سمجھي ۽ جيڪو نہ ٿو کائي سو کائڻ واري تي ڪابہ تھمت نہ ھڻي، ڇالاءِ⁠جو خدا ھن کي قبول ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 14:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.


ڏسو متان هن ننڍڙن مان ڪنهن کي حقير ڪري ڄاڻو.


تنهن کانپوءِ يوحنا جا شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين ۽ فريسي اڪثر روزا ٿا رکون، پر تنهنجا شاگرد روزا نٿا رکن سو ڇو؟


۽ ڪي شخص جن کي پاڻ تي باور هو تہ اسين راستباز آهيون، ۽ ٻين سڀني کي ڪين جهڙو ڪري ليکيندا هئا، تن کي هيءُ بہ مثال ڏنائين:


تڏهن پطرس پنهنجو وات کولي چوڻ لڳو تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاسخاطري نٿو ڪري؛


اڃا پطرس اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ جن اهو ڪلام پئي ٻُڌو، تن سڀني تي پاڪ روح اچي نازل ٿيو.


۽ اُتي جي جهنگلي ماڻهن اسان تي ڏاڍي مهرباني ڪئي، جو مينهن ۽ سيءَ جي ڪري باهہ ٻاري اسان جي خاطرداري ڪيائون.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن هنن جي خارج ٿيڻ ڪري جهان جو ميل ميلاپ ٿيو، تہ سندن قبول پوڻ ڪري موت مان زندگيءَ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿيندو؟


جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي پاڻ وٽ وٺي اچو، پر اجايو بحث ڪرڻ جي لاءِ نہ.


پر تون پنهنجي ڀاءُ تي ڇو ٿو الزام لڳائين؟ يا وري ڇو تون پنهنجي ڀاءُ کي حقير ٿو ڄاڻين؟ ڇالاءِ جو اسين سڀيئي خدا جي عدالت جي تخت جي اڳيان بيهنداسين؛


تنهنڪري گهرجي تہ اڳتي اسين هڪ ٻئي تي الزام نہ لڳايون: بلڪ هي مناسب آهي تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رستي ۾ ڪا اهڙي شيءِ نہ رکي جنهنڪري هو ٿاٻو کائي يا ڪِري پوي.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن تنهنجي ڀاءُ کي تنهنجي کاڌي ڪري رنج ٿو ٿئي، تہ پوءِ تون اڃا پيار جي قاعدي تي نٿو هلين. جنهن شخص جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني، تنهن کي تون پنهنجي کاڌي جي سبب برباد نہ ڪر.


چڱو ائين آهي تہ تون نہ گوشت کاءُ، نہ شراب پيءُ، نڪي ڪو اهڙو ڪم ڪر جنهن جي ڪري تنهنجو ڀاءُ گمراهہ ٿئي.


تنهنڪري جيئن مسيح خدا جي جلال لاءِ اوهان کي قبول ڪيو، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي قبول ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ