Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 14:2 - Sindhi Bible

2 هڪڙي ماڻهوءَ جو اهو اعتقاد آهي تہ هرڪا شيءِ کائڻ روا آهي، پر جنهن جو ايمان ڪمزور آهي سو ڀاڄي ٿو کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو وشواس ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هڪڙو ماڻهو مڃي ٿو تہ هر ڪا شيءِ کائڻ جائز آهي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آهي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھڪڙي ماڻھوءَ جو اعتقاد آھي تہ ھر ڪا شيءِ کائڻ جائز آھي، پر ٻئي جو ايمان ڪمزور آھي سو رڳو ڀاڄي ٿو کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 14:2
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ ڏسو، آءٌ زمين جي سڀ ڪا ٻج واري ڀاڄي، ۽ هرڪو وڻ جنهن ۾ سندس ٻج وارو ڦل آهي، سي سڀ اوهان کي ٿو ڏيان؛ اهي اوهان جي کاڌي لاءِ آهن:


زمين تي هلندڙ سڀ ساهوارا اوهان جي خوراڪ لاءِ ٿيندا، اهي مون نباتات وانگر اوهان کي ڏنا آهن.


جتي محبت آهي اتي ڀاڄين جو کاڌو بہ بهتر آهي: انهيءَ ٻوڙ پلاهہ کان جنهن سان نفرت شامل هجي.


تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجن ٻانهن کي ڏهہ ڏينهن آزمائي ڏس؛ ۽ اسان کي کائڻ لاءِ ڀاڄي ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏي.


تڏهن خانسامان هنن جو کاڌو ۽ پيئڻ لاءِ شراب بند ڪيو، ۽ هنن کي ڀاڄي ڏيڻ لڳو.


جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي پاڻ وٽ وٺي اچو، پر اجايو بحث ڪرڻ جي لاءِ نہ.


آئون ڄاڻان ٿو، ۽ خداوند يسوع ۾ مون کي يقين آهي، تہ ڪابہ شيءِ پاڻوهي ناپاڪ نہ آهي: سواءِ هن جي تہ جيڪو ڪنهن شيءِ کي ناپاڪ سمجهي ٿو، تنهن جي لاءِ اُها ناپاڪ آهي.


کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي نقصان نہ رسايو. سڀ شيون بيشڪ پاڪ آهن: پر انهي ماڻهوءَ جي لاءِ اها شيءِ خراب آهي جنهن جي کائڻ ڪري هو گمراهہ ٿو ٿئي.


هاڻي اسين جي مضبوط آهيون، تن کي گهرجي تہ هيڻن جون ڪمزوريون برداشت ڪريون، ۽ نہ پاڻ کي خوش ڪريون.


جيڪي ڪاسائين جي دڪانن تي وڪامي ٿو، سو کائو، ۽ پنهنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو.


پر خبردار رهو متان اوهان جي هن آزاديءَ جي ڪري جيڪي بہ ايمان ۾ ڪمزور آهن سي گمراهہ ٿي وڃن.


ڪمزورن جي لاءِ آئون ڪمزور ٿيس تہ ڪمزورن کي بچايان، آئون سڀني ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿيو آهيان، تہ هر طرح سان ڪن کي بچايان.


ڇالاءِ جو يعقوب وٽان ڪن ماڻهن جي اچڻ کان اڳي هو غير قومن سان کائيندو هو، پر جڏهن هو آيا، تڏهن مختونن جي ڊپ کان هو پٺتي هٽي ويو، ۽ پاڻ کي ڌار ڪيائين.


ڇالاءِ تہ سڀڪا شيءِ جا خدا خلقي آهي، سا چڱي آهي، ۽ رد ڪرڻ نہ گهرجي؛ بشرطيڪ اُها شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي:


پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن: پر جيڪي پليت ۽ بي دين آهن، تن جي لاءِ ڪجهہ بہ پاڪ نہ آهي؛ پر انهن جو عقل توڙي دل ٻئي ناپاڪ آهن.


جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.


ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ