Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 13:7 - Sindhi Bible

7 سڀني جو حق ادا ڪريو: جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي، تنهن کي ڍل ڏيو؛ جنهن کي محصول ڏيڻو هجي، تنهن کي محصول ڏيو؛ جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، تنهن کان ڊڄو، جنهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، تنهن جي عزت ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن کي مان‌سمان ڏيڻ گھرجي تنهن کي مان‌سمان ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ گھرجي تنهن جو احترام ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 سڀني جو حق ادا ڪريو. جنھن کي ڍل ڏيڻي ھجي تنھن کي ڍل ڏيو، جنھن کي محصول ڏيڻو ھجي تنھن کي محصول ڏيو، جنھن کان ڊڄڻ گھرجي تنھن کان ڊڄو ۽ جنھن جي عزت ڪرڻ گھرجي تنھن جي عزت ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 13:7
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هڪڙيءَ زال چيو تہ اي منهنجا ڌڻي آءٌ ۽ هيءَ زال ٻئي هڪڙي گهر ۾ ٿيون رهون؛ ۽ مون کي هڪڙو ٻار ڄائو، ۽ انهيءَ مهل هيءَ بہ گهر ۾ هئي.


تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


اي منهنجا پٽ، تون خداوند ۽ بادشاهہ کان ڊڄندو رهہ؛ ۽ جيڪي چنچل آهن تن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو:


جن سان ڀلائي ڪرڻ حق آهي، تن کان اُها متان روڪين، جڏهن اها تنهنجي هٿ وسيڪي آهي.


اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان ڊڄندو رهي، ۽ اوهين منهنجي سبت جا ڏينهن ياد رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تون اڇي مٿي واري جي اڳيان اُٿي بيهج، ۽ پير مرد جي عزت ڪج، ۽ خدا کان ڊڄندو رهج: آءٌ خداوند آهيان.


۽ هن چيو تہ هائو. ۽ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن يسوع پهريائين ساڻس ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ شمعون تون ڪيئن ٿو ڀانئين؟ تہ زمين جا بادشاهہ محصول ڪنهن کان ٿا وصول ڪن؟ پنهنجن پٽن کان يا ڌارين کان؟


هنن چيس تہ قيصر جا آهن؛ تڏهن چيائين تہ چڱو جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي، سو خدا کي.


تنهن تي يسوع چين، تہ جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو. ۽ هنن کي مٿس ڏاڍو عجب لڳو.


اسان لاءِ قيصر کي محصول ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟


تنهن تي هن چين، تہ تنهنڪري جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي.


۽ اُهي مٿس تهمت رکي چوڻ لڳا، تہ اسان ڏٺو آهي تہ هي ماڻهو قوم کي بگاڙي ٿو، ۽ قيصر کي ڍل ڏيڻ کان منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو تہ آئون پاڻ مسيح بادشاهہ آهيان.


برادراني محبت سان هڪ ٻئي کي گهڻو پيار ڪريو؛ هڪ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو؛


انهي سبب اوهين ڍل بہ ٿا ڀريو؛ جو هو خدا جا خادم آهن، ۽ انهي ئي ڪم ۾ مشغول ٿا رهن.


مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.


اي نوڪرو، جيڪي جسم جي لاڳاپي ڪري اوهان جا ڌڻي آهن، تن کان صاف دليءَ سان ڊڄي ۽ ڏڪي سندن اهڙا فرمانبردار رهو، جهڙا مسيح جا؛


۽ تنهن کانسواءِ هو سست ۽ گهر گهر رُلن ٿيون؛ ۽ نہ رڳو سست ٿيون رهن، پر اجائي بَڪ ڪرڻ، ۽ ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ ناشائستيون ڳالهيون ڪرڻ بہ ٿيون سکن.


جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن.


جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، تن کي گهرجي تہ پنهنجن مالڪن کي گهڻي عزت جو لائق ڄاڻن، تہ خدا جي نالي، ۽ تعليم جي بدنامي نہ ٿئي.


۽ اوهين جي مرد آهيو، سي بہ ساڳيءَ طرح پنهنجين زالن کي نازڪ ظرف سمجهي ساڻن سياڻپ سان هلو، ۽ پاڻ کي انهن سان زندگيءَ جي نعمت جي ورثي ۾ شريڪ ڄاڻي، کين عزت ڏيو؛ انهي لاءِ تہ اوهان جون دعائون روڪجي نہ وڃن.


پوءِ سموئيل خداوند کي عرض ڪيو؛ ۽ خداوند انهي ڏينهن گجگوڙ ۽ مينهن موڪليو: ۽ سڀ ماڻهو خداوند کان ۽ سموئيل کان تمام گهڻو ڊنا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ