Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 13:6 - Sindhi Bible

6 انهي سبب اوهين ڍل بہ ٿا ڀريو؛ جو هو خدا جا خادم آهن، ۽ انهي ئي ڪم ۾ مشغول ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اهو ئي سبب آهي جو اوهين ٽيڪس بہ ڏيندا آهيو، ڇاڪاڻ تہ حڪومتون جڏهن پنهنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ حقيقت ۾ اهي ايشور جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اهو ئي سبب آهي جو اوهين ٽيڪس بہ ڏيندا آهيو، ڇاڪاڻ تہ حڪومتون جڏهن پنهنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ حقيقت ۾ اهي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اھو ئي سبب آھي جو اوھين محصول ڏيندا آھيو، ڇالاءِ⁠جو حڪومتون جڏھن پنھنجا فرض پورا ٿيون ڪن تہ ڄڻڪ اھي خدا جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 13:6
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن دمشق جا ارامي، ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر کي مدد ڏيڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماريا.


۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيائين.


هاڻي بادشاهہ کي معلوم هجي، تہ جيڪڏهن اهو شهر جڙندو ۽ ڀتيون پوريون ٿينديون، تہ هو ڍل، محصول، يا چونگي نہ ڏيندا، ۽ نيٺ بادشاهن کي نقصان پوندو.


يروشلم تي زور وارا بادشاهہ ٿي گذريا آهن، جن سڄي ملڪ تي، نديءَ جي هن ڀر بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ ڍل، ۽ محصول، ۽ چونگي انهن کي پئي ملي آهي.


تنهن کانسواءِ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان، تہ خدا جي هن گهر جوڙڻ لاءِ، يهودين جي بزرگن سان ڪهڙي هلت ڪجو: بادشاهہ جي مال مان، يعني نديءَ جي هن ڀر جي ڍل مان، ڏاڍي ڪوشش سان هنن ماڻهن کي خرچ پهچايو وڃي، تہ هنن کي روڪ نہ ٿئي.


ڪي وري اهڙا بہ هئا، جن چيو تہ، اسان بادشاهہ جي ڍل ڏيڻ لاءِ پنهنجين ٻنين ۽ ڊاک جي منهہ تي پئسا اُڌارا کنيا آهن.


۽ اُهي مٿس تهمت رکي چوڻ لڳا، تہ اسان ڏٺو آهي تہ هي ماڻهو قوم کي بگاڙي ٿو، ۽ قيصر کي ڍل ڏيڻ کان منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو تہ آئون پاڻ مسيح بادشاهہ آهيان.


يا جيڪو نصيحت ڪندڙ هجي سو نصيحت ڪرڻ ۾ رڌل رهي: جيڪو خيرات ڏئي سو سخاوت سان ڏئي؛ جيڪو حاڪم هجي، سو لياقت سان حڪم هلائي؛ جيڪو رحم ڏيکاري سو خوشيءَ سان ڏيکاري.


تنهنڪري اوهان کي نہ فقط اُنهي غضب جي ڪري، پر پنهنجي ضمير جي خاطر بہ تابعدار رهڻ کپي.


سڀني جو حق ادا ڪريو: جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي، تنهن کي ڍل ڏيو؛ جنهن کي محصول ڏيڻو هجي، تنهن کي محصول ڏيو؛ جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، تنهن کان ڊڄو، جنهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، تنهن جي عزت ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ