Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 13:2 - Sindhi Bible

2 تنهنڪري جيڪو حڪومت جي سامهون ٿو ٿئي، سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري: ۽ جيڪي مخالفت ڪندا سي پنهنجي سزا لوڙيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 تنهنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو ايشور جي انتظام جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي مخالفت ڪن ٿا سي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿا بڻجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو خدا جي انتظام جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي مخالفت ڪن ٿا سي گنهگار قرار ڏنو وڃڻ جو پاڻ سبب ٿا بڻجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 تنھنڪري جيڪو بہ حڪومت جي مخالفت ڪري ٿو سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري ۽ جيڪي خدا جي حڪم جي مخالفت ڪندا سي پنھنجي سزا ڀوڳيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 13:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ موسيٰ چيو تہ هاڻي هيئن ٿيندو تہ خداوند شام جي وقت اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ صبح جو ڍؤ تي ماني ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو سي هو ٻڌي ٿو: ۽ اسين ڪير آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي برخلاف نہ پر خداوند جي برخلاف آهي.


انهي هوندي بہ اهي هر روز مون کي ڳولين ٿا، ۽ منهنجن رستن معلوم ڪرڻ ۾ خوش ٿا ٿين: جيئن ڪا قوم راستبازيءَ جا ڪم ٿي ڪري، ۽ پنهنجي خدا جي حڪمن تي هلي ٿي، تنهن وانگي هو مون کان راستيءَ جا ڪم ٿا گهرن، ۽ خدا جي ويجهو وڃڻ ۾ خوش ٿا ٿين.


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


جي بيوهہ زالن جا گهر هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ لنبيون لنبيون نمازون ٿا پڙهن؛ انهن کي ٻين کان وڌيڪ سزا ملندي.


جي بيوهہ زالن جا گهر ئي هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ ڊگهيون ڊگهيون نمازون ٿا پڙهن: اُنهن کي وڌيڪ سزا ملندي.


سڀڪو ماڻهو اعليٰ حڪومتن جو تابعدار رهي: ڇالاءِ جو اهڙي ڪابہ حڪومت ڪانهي جا خدا جي طرفان نہ هجي، جيڪي بہ حڪومتون آهن سي خدا جي طرفان مقرر ٿيل آهن.


ڇالاءِ جو نيڪ ماڻهوءَ کي حاڪم جو ڊپ ڪونهي پر بدڪار کي آهي. ڇا تون ڀانئين ٿو تہ توکي حاڪم جو ڊپ نہ رهي؟ تہ پوءِ نيڪي ڪر تہ اُهو تنهنجي تعريف ڪندو:


تنهنڪري اوهان کي نہ فقط اُنهي غضب جي ڪري، پر پنهنجي ضمير جي خاطر بہ تابعدار رهڻ کپي.


تڏهن تون مون کي چوندين تہ پوءِ هو قصوروار ڇو ٿو ٺهرائي؟ ڪير هن جي ارادي جو مقابلو ڪري ٿو سگهي؟


انهن کي ياد ڏيار تہ حاڪمن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رهن ۽ سندن حڪم مڃين، ۽ هر ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ تيار رهن،


اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي.


خداوند جي خاطر انسان جي سڀ ڪنهن اختياريءَ جا تابعدار رهو. بادشاهہ جا هن ڪري جو هو سڀني کان اعليٰ آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ