Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:8 - Sindhi Bible

8 يا جيڪو نصيحت ڪندڙ هجي سو نصيحت ڪرڻ ۾ رڌل رهي: جيڪو خيرات ڏئي سو سخاوت سان ڏئي؛ جيڪو حاڪم هجي، سو لياقت سان حڪم هلائي؛ جيڪو رحم ڏيکاري سو خوشيءَ سان ڏيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 جيڪڏهن اهو وردان نصيحت ڪرڻ جو هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جو هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اهو رهنمائي ڪرڻ جو هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اهو وردان ديا ڪرڻ جو هجي تہ خوشيءَ سان ديا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جيڪڏهن اها نعمت نصيحت ڪرڻ جي هجي تہ هو نصيحت ڪندو رهي، جيڪڏهن امداد ڏيڻ جي هجي تہ سخاوت سان امداد ڏيندو رهي. جيڪڏهن اها رهنمائي ڪرڻ جي هجي تہ سرگرميءَ سان رهنمائي ڪري يا جيڪڏهن اها نعمت رحم ڪرڻ جي هجي تہ خوشيءَ سان رحم ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 جيڪڏھن اھا نعمت نصيحت ڪرڻ جي ھجي تہ ھو نصيحت ڪندو رھي، جيڪڏھن خيرات ڏيڻ جي ھجي تہ سخاوت سان خيرات ڏيندو رھي. جيڪڏھن اھا اڳواڻي ڪرڻ جي ھجي تہ لياقت سان اڳواڻي ڪري يا جيڪڏھن اھا نعمت رحم ڪرڻ جي ھجي تہ خوشيءَ سان رحم ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:8
57 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.


بدڪار اُڌارو وٺي وري موٽائي نٿو ڏئي، پر راستباز رحمدل ٿي ڏئي ٿو.


جنهن جي اک سخا واري آهي سو برڪت وارو ٿيندو: ڇالاءِ جو هو پنهنجي مانيءَ مان غريبن کي ٿو ڏئي.


صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


تڏهن ڪميڻو ماڻهو اڳتي سخي نہ سڏبو، نڪي اناڙي سخي سڏجڻ ۾ ايندو.


پر سخي سخاوت جون رٿون ٿو رٿي؛ ۽ هو سخاوت جا ڪم ڪندو رهندو.


جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


تڏهن حاڪم هي حال ڏسي خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو، ۽ ايمان آندائين.


۽ جڏهن توريت ۽ نبين جو ڪتاب پڙهي رهيا، تڏهن عبادتخاني جي سردارن سڏائي چين تہ اي ڀائرو، جيڪڏهن اوهان کي ڪا نصيحت جي ڳالهہ ماڻهن کي ٻُڌائڻي هجي تہ ٻُڌايو.


۽ يهوداہ ۽ سيلاس، جي پاڻ بہ نبي هئا، تن گهڻيئي ڳالهيون ٻُڌائي ڀائرن کي نصيحت ڪري مضبوط ڪيو.


۽ جڏهن اهي پاسا گهُمي رهيو، ۽ گهڻيئي نصيحتون ڪري رهيو، تڏهن يونان ۾ آيو.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


۽ يوسف جنهن کي رسولن برناباس جو لقب ڏنو هو، (جنهن جي معنيٰ آهي نصيحت جو پٽ) ۽ جو ليوي هو، ۽ جنهن جو وطن ڪپرس هو،


پاڪ ٿيلن جون احتياجون رفع ڪريو؛ مهمان نوازيءَ جا عادتي ٿيو.


انهي سبب اوهين ڍل بہ ٿا ڀريو؛ جو هو خدا جا خادم آهن، ۽ انهي ئي ڪم ۾ مشغول ٿا رهن.


۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،


پر جيڪو نبوت ٿو ڪري سو ماڻهن سان سڌاري، ۽ نصيحت، ۽ دلاسي جون ڳالهيون ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي ٺڳيو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جون دليون بہ انهيءَ سادگيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن، جا مسيح سان هئڻ گهرجي.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.


۽ اوهين سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ هر طرح جي سخاوت لاءِ دولتمند ٿيندا، جنهنڪري اسان جي معرفت خدا جي شڪرگذاري ڪرڻ ۾ ٿي اچي.


انهيءَ خدمت سان اوهان جي آزمائش ٿي ٿئي، تہ ڪيئن اوهين مسيح جي خوشخبري قبول ڪري تابعداري ٿا ڏيکاريو، ۽ هنن کي ۽ سڀني کي مدد ڏيئي سخاوت ٿا ڪريو، تنهنڪري هو خدا جي وڏائي ظاهر ٿا ڪن.


جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ دل ۾ ارادو ڪيو آهي، تيئن ئي ڀلي ڪري؛ پر ڪُرڪڻ ۽ لاچاريءَ سان نہ، ڇالاءِ تہ جيڪو خوشيءَ سان ٿو ڏئي تنهن کي خدا پيار ٿو ڪري.


اي نوڪرو، جيڪي جسم جي لاڳاپي ڪري اوهان جا ڌڻي آهن، تن کان صاف دليءَ سان ڊڄي ۽ ڏڪي سندن اهڙا فرمانبردار رهو، جهڙا مسيح جا؛


تون انهي کي پنهنجي ڌڻ مان، ۽ پنهنجي اَن جي کري مان، ۽ پنهنجي شراب جي چيچڙي مان، کليءَ دل سان ڏج: خداوند تنهنجي خدا توکي جيتري برڪت ڏني هجي، تنهن موجب تون بہ هن کي ڏج،


۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


اي نوڪرو، جيڪي جسماني طور اوهان جا ڌڻي آهن، تن جو سڀني ڳالهين ۾ حڪم مڃو؛ ڏيکاءَ جي نوڪري نہ ڪريو، جيئن خوشامدڙيا ڪندا آهن، پر صاف دل ٿي خداوند کان ڊڄي نوڪري ڪريو:


ڇالاءِ جو اسان جي نصيحت گمراہ ڪندڙ ناهي؛ نڪي ناپاڪ يا ٺڳيءَ واري آهي:


اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا.


جيسين آئون اچان تيسين پڙهڻ، ۽ نصيحت ڪرڻ، ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهہ.


جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن.


۽ هو نيڪي ڪن، ۽ چڱن ڪمن ۾ توانگر ٿين، سخاوت ڪرڻ لاءِ تيار رهن ۽ ٻين جي واهر ڪرڻ لاءِ راضي رهن؛


۽ پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪ ماڻهن جو دستور آهي، بلڪ هڪٻئي کي نصيحت ڪريون، ۽ جيئن جيئن اوهين اُهو ڏينهن ويجهو ايندو ڏسو، تيئن وڌيڪ انهيءَ طرح ڪندا رهو.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


پر اي ڀائرو، آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ هن نصيحت جي ڪلام جي برداشت ڪريو: ڇالاءِ جو مون اوهان ڏانهن مختصر طور لکيو آهي.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن سڀني کي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن کي سلام ڏجو. اطاليہ وارا اوهان کي سلام ٿا ڏين.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ هئا ۽ اوهان کي خدا جو ڪلام ٻُڌايائون، تن کي ياد ڪريو ۽ انهن جي حياتيءَ جي نتيجي جو ويچار ڪري انهن جهڙو ايمان رکو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ