Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:11 - Sindhi Bible

11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو؛ روحاني جوش ۾ ڀرپور رهو؛ خداوند جي خدمت ڪندا رهو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ تن ۽ من سان پرڀو يسوع جي سيوا ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 محنت ۾ سستي نہ ڪريو ۽ روحاني جذبي سان خداوند جي خدمت ڪندا رھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:11
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي هن چيو تہ اوهين سست آهيو، تنهنڪري چئو ٿا تہ اسان کي ڇڏيو تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهيون.


جيئن سرڪو ڏند لاءِ دونهون اکين لاءِ، تيئن سست ماڻهو انهن لاءِ جي هن کي موڪلين ٿا.


سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي.


جيڪو پنهنجي ڪم ۾ ڍرو آهي سو بہ انهيءَ جو ڀاءُ آهي جو ناس ڪندڙ آهي.


تون اهو ماڻهو ڏسين ٿو جو پنهنجي ڪم ڪار ۾ محنتي آهي؟ اهو بادشاهن جي حضور ۾ بيهندو؛ هو خسيس ماڻهن جي اڳيان نہ بيهندو.


اڃا رات پيئي آهي تہ هوءَ اُٿي ٿي، ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کاڌو ڏئي ٿي، ۽ ٻانهين کي پنهنجو پنهنجو ڪم ٻڌائي ٿي.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي.


۽ بي ديني وڌي ويندي، تنهنڪري گهڻن جي محبت گهٽجي ويندي.


پر سندس ڌڻيءَ ورندي ڏيئي چيس، تہ اي بڇڙا ۽ سست نوڪر، توکي خبر هئي تہ جتي نہ پوکيو اٿم اُتي گڏ ڪندو آهيان؛


هن ماڻهوءَ کي خداوند جي واٽ جي تعليم ملي هئي، ۽ روحاني جوش بہ هوندو هوس، تنهنڪري جي ڳالهيون يسوع جي بابت آهن، تن جي صحيح صحيح تعليم ڏيندو هو، ۽ تقريرون ڪندو هو؛ پر رڳو يوحنا جي بپتسما جي خبر هيس.


۽ دل جي ڏاڍيءَ نماڻائيءَ سان، ڳوڙها ڳاڙي، ۽ جيڪي آزمائشون يهودين جي منصوبن ڪري مون تي پئي آيون تن هوندي بہ، خداوند جي خدمت پئي ڪئي اٿم:


ڇالاءِ جو جيڪو غلاميءَ جي حالت ۾ خداوند ۾ سڏيو ويو، سو خداوند جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو آزاديءَ جي حالت ۾ سڏيو ويو، سو مسيح جو غلام آهي.


جنهن هيستائين چوري ٿي ڪئي، سو اڳتي چوري نہ ڪري؛ بلڪ گهُرجيس تہ پورهيو ڪري پنهنجن هٿن سان چڱا ڪم ڪري، تہ وٽس ايترو موجود ٿئي، جنهن مان گهُرج واري کي ڪجهہ ڏيئي سگهي.


اي مالڪو، پنهنجن نوڪرن سان عدل ۽ انصاف جي هلت ڪريو ۽ ياد رکو تہ اوهان جو بہ هڪڙو ڌڻي آهي.


۽ تنهن کانسواءِ هو سست ۽ گهر گهر رُلن ٿيون؛ ۽ نہ رڳو سست ٿيون رهن، پر اجائي بَڪ ڪرڻ، ۽ ٻين جي ڪمن ۾ ٽپي پوڻ ۽ ناشائستيون ڳالهيون ڪرڻ بہ ٿيون سکن.


تنهنڪري اچو تہ جيڪا بادشاهت لڏڻ جي نہ آهي، سا حاصل ڪري اهو فضل هٿ ڪريون، جنهن ڪري اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون، جو اُها خدا کي پسند اچي؛


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گهُرو تہ شفا پايو. راستباز ماڻهوءَ جي دعا جو گهڻو اثر ٿو ٿئي.


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هڪٻئي سان گهڻي محبت رکو؛ ڇالاءِ جو محبت گهڻا ئي گناهہ ڍڪيو ڇڏي.


پر تنهنجي برخلاف مون کي ايترو چوڻو آهي، تہ تو پنهنجو پهريون پيار ڇڏي ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ