Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 12:10 - Sindhi Bible

10 برادراني محبت سان هڪ ٻئي کي گهڻو پيار ڪريو؛ هڪ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ مان ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ھڪ ٻئي سان ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر گھڻو پيار ڪريو ۽ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 12:10
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڄو ملڪ تنهنجي سامهون ڪين پيو آهي ڇا؟ سو تون مون کان ڌار ٿيءُ: جي تون ساڄي پاسي وڃين، تہ آءٌ کٻي وڃان، جي تون کٻي پاسي وڃين تہ آءٌ ساڄي وڃان.


۽ هنجا پٽ، هر ڪنهن جي جنم ڏينهن تي، انهيءَ جي گهر ۾ وڃي مجلس ڪندا هئا؛ ۽ پنهنجن ٽنهي ڀينرن کي بہ سڏي پاڻ سان گڏ کارائيندا پياريندا هئا.


ڏسو اها ڪهڙي نہ چڱي ۽ وڻندڙ ڳالهہ آهي، تہ ڀائر پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن!


۽ عبدملڪ ڪوشيءَ يرمياہ کي چيو تہ هاڻي اهي پراڻا ردي ڪپڙا ۽ ڳريل اڳڙيون رسن جي هيٺان پنهنجن بغلن ۾ رک، ۽ يرمياہ ائين ئي ڪيو.


پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو: بلڪ جيڪو اوهان ۾ وڏو ٿيڻ گهري، سو اوهان جو خادم ٿيندو؛


پر جڏهن توکي مانيءَ جي دعوت ملي، تڏهن سڀ کان هيٺينءَ جاءِ تي وڃي ويهہ، تہ جنهن توکي ڪوٺيو آهي، سو جڏهن اچي، تڏهن چويئي تہ ادا، مٿي اچي ويهہ: تہ جن سان گڏ کائڻ ويهين، تن اڳيان عزت ٿئي ئي.


اوهان کي اِهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.


تہ اهي سڀ هڪ ٿين، جيئن تون اي بابا، مون ۾، ۽ آئون تو ۾، تيئن اهي پڻ اسان ۾ ٿين: انهي لاءِ تہ دنيا ايمان آڻي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


۽ ايمان وارن جي جماعت يڪ دل ۽ يڪ جان هئي، ۽ منجهانئن ڪوبہ ائين ڪونہ چوندو هو تہ جيڪا ملڪيت مون وٽ آهي سا منهنجي آهي. بلڪ هو سڀني شين ۾ هڪ جهڙا ڀائيوار هوندا هئا.


سڀني جو حق ادا ڪريو: جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي، تنهن کي ڍل ڏيو؛ جنهن کي محصول ڏيڻو هجي، تنهن کي محصول ڏيو؛ جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، تنهن کان ڊڄو، جنهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، تنهن جي عزت ڪريو.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو.


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛


جو اسان ٻُڌو آهي تہ اوهان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو آهي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن سان اوهين محبت ٿا رکو،


پر ڀائرن جي محبت بابت اوهان ڏانهن ڪجهہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇالاءِ جو اوهان کي هڪٻئي کي پيار ڪرڻ جي تعليم خدا کان ملي آهي؛


اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،


شل ڀائرن جي محبت قائم رهندي اچي.


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


سڀني ماڻهن جي عزت ڪريو. برادريءَ وارن کي پيار ڪريو. خدا کان ڊڄو. بادشاهہ جي تعظيم ڪريو.


ساڳيءَ طرح، اي جوانو، اوهين وڏن جا تابعدار ٿيو. هائو، اوهين سڀ هڪٻئي جي خدمت ڪرڻ لاءِ نماڻائيءَ سان پنهنجي ڪمر ٻَڌو؛ ڇالاءِ جو ”خدا مغرورن جو مقابلو ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“


۽ دينداريءَ سان گڏ ڀائرن جو پيار، ۽ ڀائرن جي پيار سان گڏ محبت.


اي پيارو، جڏهن خدا اسان کي اهڙو پيار ڪيو، تہ اسان کي بہ گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون خدا کي پيار ٿو ڪريان ۽ پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو رکي، تہ اُهو ڪوڙو آهي؛ ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري جنهن کي هن ڏٺو آهي، سو خدا کي پيار ڪري ڪين سگهندو، جنهن کي هن ڏٺو ئي ڪينهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ