Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:8 - Sindhi Bible

8 جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”خدا هنن کي اڄوڪي ڏينهن تائين موڳائيءَ جو روح ڏنو، ۽ اهڙيون اکيون ڏنيون جي نہ ڏسن، ۽ اهڙا ڪَن ڏنا جي نہ ٻُڌن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ايشور اڄ ڏينهن تائين انهن جي دل ۽ دماغ کي مدهوش رکيو آهي. سو اهي نہ اکين سان ڏسي ٿا سگھن، نڪي ڪنن سان ٻڌي ٿا سگھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا اڄ ڏينهن تائين انهن جي دل ۽ دماغ کي مدهوش رکيو آهي. سو اهي نہ اکين سان ڏسي ٿا سگھن، نڪي ڪنن سان ٻڌي ٿا سگھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 جيئن لکيل آھي تہ ”خدا انھن جي دل ۽ عقل تي تالو لڳائي ڇڏيو، ۽ اڄ ڏينھن تائين اھي اکين سان ڏسي ۽ ڪنن سان ٻڌي نہ ٿا سگھن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڄ ڏينهن تائين هو اڳوڻي دستور موجب هلندا اچن: نڪي هو خداوند کان ڊڄن ٿا، نڪي پنهنجن انهن قانونن ۽ انهيءَ شريعت ۽ حڪم تي هلن ٿا، جي خداوند يعقوب جي اولاد کي ڏنا، جنهن جو نالو هن اسرائيل رکيو؛


انهيءَ طرح هي قومون خداوند کان ڊڄنديون هيون پر پنهنجن اُڪريل بتن جي عبادت ڪنديون هيون؛ اُنهن جو اولاد ۽ انهن جي اولاد جو اولاد بہ ائين ڪندو هو، جيئن سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا، ۽ ائين هو اڄ ڏينهن تائين ڪندا اچن.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان تي گهاٽيءَ ننڊ جو روح موڪليو آهي، ۽ اوهان جون اکيون بند ڪيون اٿس: ۽ اوهان جي نبين، ۽ سردارن، ۽ غيب ڏسندڙن کي ڍڪي ڇڏيو اٿس.


۽ هن چيو تہ وڃي هن قوم کي چئو تہ اوهين بيشڪ ٻڌو ٿا پر سمجهو نٿا؛ اوهين بيشڪ ڏسو ٿا پر پروڙيو نٿا.


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


اي آدمزاد، تون هڪڙي اهڙي باغي گهراڻي ۾ ٿو رهين، جن کي ڏسڻ لاءِ اکيون آهن پر ڏسن نٿا، جن کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن پر ٻڌن نٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي هڪڙي باغي گهراڻي جا آهن.


۽ مون هنن کي خود سندن نذرانن ۾ ناپاڪ ڪيو؛ جنهن صورت ۾ هنن جا سڀ پهريان ڄاول باهہ مان ٿي لنگهايا، تہ آءٌ هنن کي سُڃو سکڻو ڪريان، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان.


تڏهن هن چيو تہ اوهان کي خدا جي بادشاهت جي رازن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي؛ پر ٻين کي مثالن طور ٻڌايو ويو آهي، تہ اُهي ڏسندي نہ ڏسن، ۽ ٻُڌندي نہ سمجهن.


تہ ”تون اُنهيءَ اُمت وٽ وڃ ۽ چئين تہ اوهين ڪنن سان ٻُڌندا، ۽ ڪنهن بہ طرح سمجهندا ئي ڪين؛ ۽ اکين سان ڏسندا پر پروڙيندا ئي ڪين.


پر خداوند توکي اڄوڪي ڏينهن تائين نہ اهڙي دل ڏني آهي جا سمجهي، نہ اهڙيون اکيون ڏنيون آهن جي ڏسن، ۽ نہ اهڙا ڪن ڏنا آهن جي ٻڌن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ