Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:4 - Sindhi Bible

4 پر خدا پنهنجي جواب ۾ هن کي ڇا چيو؟ تہ ”مون پنهنجي لاءِ ست هزار ماڻهو بچائي ڇڏيا آهن، جن بعل جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 پر ايشور کيس ڇا فرمايو؟ هن وراڻيس تہ ”مون ست هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ بچائي رکيا آهن، جن بعل ديوتا آڏو سيس ناهي نوايو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پر خدا کيس ڇا فرمايو؟ هن وراڻيس تہ ”مون ست هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ بچائي رکيا آهن، جن بعل ديوتا آڏو سجدو نہ ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 پر خدا کيس ڪھڙو جواب ڏنو؟ ھن جواب ڏنو تہ ”مون پنھنجي لاءِ ست ھزار ماڻھو بچائي ڇڏيا آھن، جن بعل بت جي اڳيان سجدو نہ ڪيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ ڄڻ يربعام بن نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي هلڪي ڳالهہ نظر ٿي آئي، جو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي، ۽ وڃي بعل جي خدمت ڪيائين، ۽ اُنهيءَ کي سجدو ڪيائين.


۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


انهيءَ هوندي بہ آءٌ پنهنجي لاءِ اسرائيل ۾ ست هزار ڇڏيندس، يعني اُهي سڀيئي جن جا گوڏا بعل جي سجدي ڪرڻ لاءِ نہ جهڪيا آهن، ۽ جن جي وات انهيءَ کي نہ چُميو آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو صيون ۾ بچي ويو هوندو، ۽ جيڪو يروشلم ۾ رهجي ويو هوندو، مطلب تہ جيڪو بہ يروشلم ۾ جيئرن ۾ لکيو ويو هوندو سو پاڪ سڏبو:


۽ بعل جي واسطي مٿانهان مڪان ٺاهيا اٿن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن کي سوختني قربانيءَ لاءِ بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين؛ جڏهن تہ مون اهڙو حڪم ڪونہ ڏنو، ۽ نہ ڪو ذڪر ڪيم، ۽ نہ ڪو اهڙو خيال منهنجي دل ۾ آيو:


جڏهن افرائيم ڳالهايو تڏهن ڏڪڻي پئجي ويئي؛ هن پاڻ کي اسرائيل ۾ وڏو چوايو: پر جڏهن هن بعل جي ڪري گناهہ ڪيو، تڏهن هو مري ويو.


ڇالاءِ جو هن کي خبر نہ هئي تہ مون هن کي اَن ۽ شراب، ۽ تيل ڏنو، ۽ چاندي ۽ سون وڌايومانس، جو هنن بعل جي لاءِ ڪم ٿي آندو.


آءٌ پنهنجو هٿ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن تي ڊگهو ڪندس؛ ۽ بعل جي باقي رهيلن کي هن ملڪ مان وڍي ڇڏيندس، ۽ ڪماريم جو نالو انهيءَ جي ڪاهنن سميت بہ وڍي ڇڏيندس.


انهي طرح اسرائيلي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا: ۽ خداوند کي اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.


بعل فغور جي ڪري جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو: ڇالاءِ تہ جن ماڻهن بعل فغور جي پيروي ڪئي، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو.


۽ هو خدا کي ڇڏي، بعل ۽ عستارات جي عبادت ڪرڻ لڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ