Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:26 - Sindhi Bible

26 انهيءَ طرح سڀيئي اسرائيلي نجات پائيندا؛ جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”صيون مان نجات ڏيندڙ ايندو، ۽ بي دينيءَ کي يعقوب مان دفع ڪندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم مڪتي حاصل ڪندي، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان مڪتي ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌ڌرميءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌دينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 اھڙيءَ طرح سڀ بني اسرائيل ڇوٽڪارو حاصل ڪندا، جيئن لکيل آھي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. ھو يعقوب جي اولاد مان سندن بڇڙاين کي پري ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:26
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند اسان جا خدا اسان کي بچاءِ، ۽ ڌارين قومن مان اسان کي ڪڍي گڏ ڪر. تہ اسين تنهنجي پاڪ نالي جي شڪرگذاري، ۽ تنهنجي تعريف ۾ فخر ڪريون.


شل اسرائيل جي نجات صيون مان اچي! جڏهن خداوند پنهنجيءَ اُمت کي بند مان موٽائي آڻيندو، تڏهن يعقوب خوشي ڪندو، ۽ اسرائيل سرهو ٿيندو.


پر خداوند اسرائيل کي بچائي هميشہ جي نجات ڏيندو: اوهين ابدي زماني تائين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا، نڪي پشيمان ٿيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ صيون ڏانهن، ۽ يعقوب ۾ جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن، تن ڏانهن هڪڙو نجات ڏيندڙ ايندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اسرائيل جي سڀني قبيلن جو خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي آءٌ وري يعقوب جا قيدي آڻيندس ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي تي رحم ڪندس؛ آءٌ پنهنجي پاڪ نالي واسطي غيرت وارو ٿيندس.


تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ خداوند جو نالو وٺي سڏيندو، انهي کي ڇوٽڪارو ملندو: ڇالاءِ جو صيون جي جبل ۾ ۽ يروشلم ۾، جيئن تہ خداوند فرمايو آهي، اُهي وڃي بچندا جي ڀڄي ڇُٽندا، ۽ باقي بچيلن ۾ اُهي جن کي خدا سڏي ٿو.


۽ هن کي پٽ ڄمندو ۽ انهي جو نالو يسوع رکج. ڇالاءِ جو هو اُهو ئي آهي جو پنهنجي اُمت کي سندن گناهن کان نجات ڏيندو.


سو پهريائين خدا پنهنجو بندو کڙو ڪري اوهان ڏانهن موڪليو، تہ اوهان مان هر ڪنهن کي سندس براين کان ڦيري برڪت ڏئي.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ