Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:23 - Sindhi Bible

23 ۽ هو بہ، جي پنهنجي بي ايمانيءَ ۾ نہ رهندا، تہ پيوند ڪيا ويندا، ڇالاءِ جو خدا هنن کي وري پيوند ڪرڻ لاءِ طاقت وارو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن وشواس نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 بني اسرائيل وارا بہ جيڪڏهن ايمان نہ آڻڻ واري ڳالهہ تي قائم رهڻ ڇڏي ڏيندا تہ کين بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي وري پيوند ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 يھودي بہ جيڪڏھن وري ايمان آڻيندا تہ انھن کي بہ پيوند ڪيو ويندو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھن کي وري پيوند ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:23
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ اوهين هن کان پوءِ مون کي تيسين نہ ڏسندا، جيسين ڪ چوندا تہ اُهو مبارڪ آهي، جو خداوند جي نالي تي ٿو اچي.


پر جي ڪي ٽاريون ڀڃي ڇڏيون ويون، ۽ تون جهنگلي زيتون ٿي انهن ۾ پيوند ڪيو وئين، ۽ زيتون جي وڻ جي سڻڀيءَ رس واريءَ پاڙ ۾ هنن سان شريڪ ٿي وئين؛


هن ڪري جو جڏهن تون زيتون جي جهنگلي وڻ مان وڍجي ۽ چڱي زيتون ۾ طبعي حالت جي برخلاف پيوند ٿي وئين: تہ جيڪي اصلي ٽاريون آهن سي خود پنهنجي زيتون جي وڻ ۾ ڪيترو نہ وڌيڪ پيوند ٿي وينديون؟


پر جڏهن ڪڏهن هنن جي دل خداوند ڏانهن ڦرندي، تڏهن پردو کڄي ويندو.


سو اسين ڏسون ٿا تہ هو ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل نہ ٿي سگهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ