Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:18 - Sindhi Bible

18 تہ انهن ٽارين تي فخر نہ ڪر، پر جي فخر ڪندين تہ هيئن ڄاڻ تہ تون پاڙ کي نٿو کڻين، پر پاڙ توکي ٿي کڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تہ پوءِ اوهين انهن ڀڳل ٽارين کي خسيس سمجھي پاڻ تي فخر نہ ڪجو. ياد رکو، اوهين رڳو ٽاريون آهيو ۽ پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو، بلڪ پاڙ اوهان جي پرورش ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 تہ پوءِ اوھين پاڻ کي انھن ٽارين کان وڌيڪ نہ سمجھو جيڪي ڀڄي پيون آھن. اوھين پاڻ کي ڪيئن وڌيڪ سمجھندا؟ اوھين تہ رڳو ٽاريون آھيو. اوھين پاڙ جي پرورش نہ ٿا ڪريو پر پاڙ اوھان جي پرورش ڪري ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ انهيءَ کي چئو تہ جيڪو پنهنجيءَ چيلهہ تي هٿيار ٿو ٻڌي، سو انهيءَ وانگر ٻٽاڪ نہ هڻي جو هٿيار لاهي ٿو ڇڏي.


مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي.


تڏهن پطرس ورندي ڏيئي چيس، تہ جي سڀيئي تنهنجي سبب ڪري ٺوڪر کائيندا، تہ بہ آئون ڪڏهن گمراهہ ڪين ٿيندس.


۽ منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن، جي هن واڙي جون نہ آهن: اُنهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي، ۽ اُهي منهنجو آواز ٻُڌنديون؛ پوءِ هڪڙو ڌڻ ٿيندو ۽ هڪڙو ڌنار.


اوهين جنهن کي نٿا سڃاڻو، تنهن جي عبادت ٿا ڪريو، پر اسين جنهن کي ڄاڻون ٿا، تنهن جي عبادت ٿا ڪريون: ڇالاءِ تہ نجات يهودين منجهان آهي.


۽ جڏهن اُهو اچي حاضر ٿيو، تڏهن جيڪي يهودي يروشلم مان آيا هئا، سي سندس چوڌاري بيهي ويا ۽ مٿس ڏاڍيون ڳريون تهمتون رکيائون، پر انهن جي ثابتي ڏيئي نہ سگهيا.


چڱو، هو تہ پنهنجي بي ايمانيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ۽ تون پنهنجي ايمان جي ڪري قائم بيٺو آهين. سو مغرور نہ ٿيءُ، پر خوف ڪر،


تڏهن فخر ڪرڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڪوبہ نہ، ڪهڙي قسم جي شريعت ڪري؟ ڇا عملن جي شريعت جي ڪري؟ نہ، پر ايمان جي شريعت جي ڪري.


انهي سببان اهو ورثو ايمان ڪري ٿو ملي، تہ اُهو فضل موجب هجي؛ هِن لاءِ تہ اهو واعدو ساري نسل لاءِ قائم رهي؛ نہ فقط اُنهي نسل جي لاءِ جنهن وٽ شريعت آهي، پر انهي جي لاءِ بہ جنهن کي اسان سڀني جي پيءُ ابراهيم جهڙو ايمان آهي.


تنهنڪري جيڪو پاڻ کي قائم ٿو سمجهي، سو سنڀال ڪري تہ متان ڪِري پوي.


۽ جي اوهين مسيح جا آهيو، تہ اوهين ابراهيم جو نسل آهيو، ۽ واعدي موجب وارث آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ