Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 11:14 - Sindhi Bible

14 انهي لاءِ تہ من ڪنهن بہ طرح پنهنجن قوم وارن کي غيرت ڏياري منجهانئن ڪن کي بچايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 انھيءَ لاءِ تہ شايد آءٌ پنھنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ اھڙيءَ طرح انھن مان ڪن کي ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 11:14
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن لابن چيس تہ تون برابر منهنجو هڏ ۽ منهنجو ماس آهين. ۽ هو وٽس مهينو رهي پيو.


اوهين منهنجا ڀائر آهيو، اوهين منهنجو هڏ ۽ ماس آهيو: تڏهن ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ پوئتي پيا آهيو؟


پر آئون چوان ٿو تہ اسرائيل کي خبر نہ هئي ڇا؟ پهرين تہ موسيٰ چوي ٿو، تہ ”آئون اوهان کي هنن تي غيرت ڏياريندس جي ڪابہ قوم نہ آهن، آئون اوهان کي بي سمجهہ قوم جي وسيلي ڪاوڙائيندس.“


تڏهن آئون چوان ٿو تہ هنن انهي لاءِ ٿاٻو کاڌو ڇا تہ ڪِري پون؟ اصل ئي نہ! پر هنن جي ٿاٻڙجڻ ڪري غير قومن کي نجات ملي، انهي لاءِ تہ غيرت اچينِ.


ڇالاءِ جو آئون جيڪر ڀانيان تہ منهنجا ڀائر جي جسم جي ڪري منهنجا مائٽ آهن، تن جي خاطر آئون پاڻ لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيان.


ڇالاءِ جو جڏهن خدا جي ڏاهپ موجب جهان پنهنجي ڏاهپ سان خدا کي نہ سڃاتو، تڏهن خدا جي اها مرضي ٿي تہ مناديءَ جي بيوَقوفيءَ جي وسيلي، ايمان آڻڻ وارن کي نجات ڏئي.


جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ.


اي زال، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجو مڙس بچي پوي؟ يا اي مڙس، توکي ڪهڙي خبر تہ شايد تنهنجي ڪري تنهنجي زال بچي پوي؟


اها ڳالهہ سچي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ مسيح يسوع گنهگارن کي نجات ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو؛ جن مان آئون سڀني کان وڏو آهيان.


جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ.


پنهنجي، ۽ پنهنجي تعليم جي سنڀال ڪج؛ انهن ڳالهين تي قائم رهندو اچج؛ ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي توڙي پنهنجي ٻُڌڻ وارن کي بچائيندين.


جنهن اسان کي نجات ڏني ۽ پاڪ سڏ سان سڏيو، نہ اسانجن ڪمن موجب، پر پنهنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب، جو فضل هن مسيح يسوع ۾ ازل کان اسان تي نازل ڪيو،


تنهنڪري آئون چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجهہ ٿو سهان، انهي لاءِ تہ جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي، سا هو بہ ابدي جلال سان حاصل ڪن.


تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري،


انهي کي، يعني خود پنهنجي جگر جي ٽڪري کي، آئون تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.


هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟


تہ پوءِ جيڪڏهن هيڏيءَ وڏيءَ نجات کان غافل رهياسين، تہ ڪيئن ڇُٽي سگهنداسين؟ جنهن جو بيان پهرين خداوند جي وسيلي ڪيو ويو هو، ۽ جن اُهو ٻُڌو، تن اسان وٽ انهي جي ثابتي ڏني؛


تہ ان کي ڄاڻڻ گهرجي تہ جيڪو ڪنهن گنهگار کي گمراهيءَ کان ڦيرائي صحيح راهہ تي ٿو آڻي، سو پنهنجي جان کي موت کان بچائيندو ۽ گهڻا گناهہ ڍڪي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ