Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 10:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون پنهنجي وات سان يسوع کي خداوند ڪري قبوليندين، ۽ پنهنجي دل ۾ ايمان آڻيندين تہ خدا هن کي مُئلن مان جياريو، تہ توکي نجات ملندي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 سو هاڻي جيڪڏهن اوهين زبان سان اقرار ڪريو تہ ”يسوع ئي پرڀو آهي“ ۽ دل سان وشواس آڻيو تہ ”ايشور کيس مئلن مان جيوت ڪيو آهي“ تہ پوءِ اوهان کي مڪتي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سو هاڻي جيڪڏهن اوهين زبان سان اقرار ڪريو تہ ”عيسيٰ ئي خداوند آهي“ ۽ دل سان ايمان آڻيو تہ ”خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو آهي“ تہ پوءِ اوهان کي ڇوٽڪارو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 جيڪڏھن تون زبان سان اقرار ڪرين تہ ”عيسيٰ خداوند آھي“ ۽ دل ۾ ايمان آڻين تہ ”خدا کيس مئلن مان جيئرو ڪيو“ تہ پوءِ تو کي ڇوٽڪارو ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 10:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول ڪندو، تنهن کي ابن آدم بہ خدا جي ملائڪن اڳيان قبوليندو.


ائين جو سندس ماءُ پيءُ چيو، سو انهيءَ سببان جو يهودين کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ جو يهودين اڳيئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪڏهن ڪو هن کي مسيح ڪري مڃيندو تہ عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏبس.


هنن چيس تہ خداوند يسوع تي ايمان آڻ تہ توکي، ۽ تنهنجي گهراڻي کي نجات ملندي.


پر اُنهيءَ کي خدا موت جي عذابن کان ڇڏائي اُٿاريو: ڇو جو ٿيڻي نہ هئي تہ هو موت جي قبضي ۾ رهي.


اُنهي يسوع کي خدا جياريو، جنهن جا اسين سڀ شاهد آهيون.


۽ جڏهن اڳتي هلندي هلندي هڪڙيءَ جاءِ تي اچي پهتا، جتي پاڻي هو، تڏهن خوجي چيو تہ اِجهو پاڻي موجود آهي؛ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي روڪ آهي؟


ڇالاءِ جو راستبازيءَ لاءِ ماڻهو دل سان ايمان ٿو آڻي، ۽ نجات جي واسطي وات سان اقرار ٿو ڪري.


هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”خداوند فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم تہ سڀڪو منهنجي اڳيان گوڏا کوڙيندو، ۽ سڀڪا زبان خدا جي تعريف ڪندي.“


ڇالاءِ جو مسيح انهي مطلب لاءِ مُئو ۽ وري جي اُٿيو، تہ هو مُئلن توڙي جيئرن، ٻنهي جو خداوند ٿئي.


پر اسان جي لاءِ بہ، جن جي واسطي ايمان راستبازي ليکبو، انهي لاءِ تہ اسان مٿس ايمان آندو آهي، جنهن اسان جي خداوند يسوع کي مُئلن مان جياريو،


ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟


تنهنڪري آئون اوهان کي چتايان ٿو تہ جيڪو خدا جي روح جي هدايت سان ٿو ڳالهائي، سو ائين نٿو چوي تہ يسوع لعنتي آهي، نہ وري ڪو ماڻهو پاڪ روح کان سواءِ چئي سگهي ٿو تہ يسوع خداوند آهي.


۽ سڀڪا زبان قبول ڪري تہ يسوع مسيح خداوند آهي، جنهنڪري خدا پيءُ جو جلال ظاهر ٿئي.


هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.


جيڪو قبول ڪندو تہ يسوع خدا جو فرزند آهي، تنهن ۾ خدا رهي ٿو، ۽ اهو خدا ۾ ٿو رهي.


ڇالاءِ جو گهڻيئي گمراهہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جي هن ڳالهہ کي نٿا مڃين تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو. اهو ئي گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جو مخالف آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ