Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 10:17 - Sindhi Bible

17 انهيءَ طرح جڏهن مسيح جو ڪلام ٿو ٻُڌائجي، تڏهن ٻُڌڻ سان ايمان پيدا ٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 سو وشواس سنديش ٻڌڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو سنديش آهي مسيح بابت پرچار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 سو ايمان پيغام ٻڌڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو پيغام آهي مسيح بابت تبليغ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 اھڙيءَ طرح ايمان پيغام ٻڌڻ سان اچي ٿو ۽ اھو پيغام آھي مسيح جو ڪلام.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 10:17
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون ڪنن جي ٻڌڻ سان تنهنجي بابت ٻڌو هو؛ پر هاڻي منهنجون اکيون توکي ڏسن ٿيون،


۽ چيائين، تہ جيڪي ٻڌو ٿا سو سنڀالي ٻڌو: جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا تنهن سان اوهان کي مئجي ملندو: ۽ اوهان کي پاڻ وڌيڪ ڏنو ويندو.


تنهن تي هن چيو، تہ هائو، پر وڌيڪ مبارڪ آهن اُهي، جي خدا جو ڪلام ٻُڌن ٿا ۽ ان تي عمل ٿا ڪن.


هاڻي انهي مثال جو مطلب هي آهي: ٻج آهي خدا جو ڪلام.


پر هنن کي ورندي ڏيئي چيائين، تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر هي آهن، جي خدا جو ڪلام ٿا ٻُڌن، ۽ اُن تي هلن ٿا.


۽ هنن ٻن شاگردن هن کي ائين چوندو ٻُڌو، ۽ يسوع جي پٺيان ويا.


ڇالاءِ جو مون کي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڪري شرم نٿو اچي: انهي لاءِ تہ جيڪو بہ اُن تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي واسطي، يعني پهرين يهوديءَ جي واسطي، پوءِ يونانيءَ جي واسطي، نجات جي لاءِ اها خدا جي قدرت آهي.


مگر جنهن تي هنن ايمان ڪونہ آندو آهي، تنهن کي ڪيئن پڪاريندا؟ ۽ جنهن جو ذڪر اُنهن ڪونہ ٻُڌو آهي، اُنهي تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ ۽ منادي ڪرڻ واري کانسواءِ هو ڪيئن ٻُڌندا؟


ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.


آئون اوهان کان فقط ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گهُران، تہ پاڪ روح اوهان کي شريعت جي ڪمن ڪري مليو، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ ڪري؟


جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟


ڀلي تہ مسيح جو ڪلام هر قسم جي دانائي سميت اوهان ۾ ججهو ئي رهي. هڪٻئي کي تعليم ڏيو ۽ نصيحت ڪريو، ۽ فضل سان ڀرپور ٿي پنهنجين دلين ۾ خدا جي لاءِ زبور ۽ گيت ۽ ديني راڳ ڳايو.


۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو اسان کي بہ اهڙي خوشخبري ٻُڌائي ويئي آهي جهڙي هنن کي ٻُڌائي ويئي هئي: پر ڪلام، جو ٻُڌو هئائون، تنهن مان کين فائدو ڪونہ رسيو؛ ڇالاءِ جو جن اهو ٻُڌو، تن ۾ اسان جهڙو ايمان ڪونہ هو.


ڇالاءِ جو اوهين فاني ٻج مان نئين سر پيدا نہ ٿيا آهيو، پر غير فاني ٻج مان، يعني خدا جي ڪلام جي وسيلي، جو زندہ ۽ قائم آهي.


آئون يوحنا، جو اوهان جو ڀاءُ ۽ يسوع مسيح جي مصيبت، ۽ بادشاهت، ۽ صبر ۾ اوهان جو شريڪ آهيان، آئون خدا جي ڪلام ۽ يسوع جي شاهديءَ لاءِ اُنهي ٻيٽ ۾ هئس، جو پتمس ٿو سڏجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ