Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 10:1 - Sindhi Bible

1 اي ڀائرو، منهنجي دلي خواهش، ۽ هنن جي لاءِ خدا اڳيان منهنجو سوال اهو آهي، تہ شل کين نجات ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي مڪتي ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ ايشور جي در پرارٿنا ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منهنجي دلي تمنا آهي تہ بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انهيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! منھنجي دلي خواھش آھي تہ شل بني اسرائيل کي ڇوٽڪارو ملي ۽ انھيءَ لاءِ آءٌ خدا جي در دعاڳو آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 10:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ تہ منهنجي ڪاوڙ هنن تي ڀڙڪو کائي، ۽ آءٌ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيان؛ پر آءٌ تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.


تون ابرهام، اسحاق ۽ اسرائيل کي ياد ڪر، جي تنهنجا ٻانها هئا، جن کي تو پنهنجو قسم کڻي چيو تہ آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس، ۽ هيءُ سارو ملڪ، جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس، ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهي جا وارث ٿيندا.


باقي آءٌ سو تنهنجي پٺيان ڌنار ٿيڻ کان ضدي نہ ٿيو آهيان؛ نڪي مون ويل واري ڏينهن جي خواهش ڪئي آهي: تون ڄاڻين ٿو؛ جيڪي منهنجن چپن مان نڪتو، سو تنهنجي روبرو هو.


ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن، تن کي سنگسار ٿو ڪرين! ڪيترا نہ ڀيرا مون، جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


پر مون کي انسان جي شاهدي قبول ڪانهي: تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون جي ڪيون اٿم، سي هن لاءِ تہ اوهان کي نجات ملي.


ڇالاءِ جو آئون هنن لاءِ اها شاهدي ٿو ڀريان، تہ انهن کي خدا جي لاءِ جوش تہ آهي، پر سمجهہ موجب نہ.


جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين.


۽ سموئيل وري سائول کي ڏسڻ نہ ويو، جيسين ڪ هن جي موت جو ڏينهن نہ آيو: ۽ سموئيل سائول جي لاءِ افسوس ڪيو: ۽ خداوند سائول کي اسرائيل تي بادشاهہ ڪرڻ کان پشيماني ظاهر ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ