Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




رومين 1:1 - Sindhi Bible

1 پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني يسوع جو داس آهيان. ايشور مون کي سنت ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جو ٻانهو آهيان. خدا مون کي رسول ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 ھي خط عيسيٰ مسيح جي غلام پولس جي طرفان آھي، جنھن کي خدا رسول ڪري چونڊيو ۽ کيس پنھنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خاص طور مقرر ڪيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




رومين 1:1
73 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني عمرام؛ هارون ۽ موسيٰ: ۽ هارون ڌار ڪيو ويو هو تہ تمام پاڪ شين کي مخصوص ڪري، ۽ پاڻ ۽ سندس پٽ هميشہ لاءِ خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، ۽ خدمت ڪن، ۽ سندس نالي تي هميشہ لاءِ دعا ڪن.


اي ٻيٽ منهنجي ٻڌو؛ اي پري جون قومون ڪن ڏيو: آءٌ پيٽ ۾ هوس، تڏهن کان خداوند مون کي سڏيو آهي؛ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان هن منهنجي نالي جو ذڪر ڪيو آهي.


پيٽ ۾ مون توکي جوڙيو تنهن کان اڳي مون توکي ڄاتو، ۽ پيٽ مان تون نڪتين تنهن کان اڳي مون توکي مخصوص ڪيو؛ مون توکي قومن جي لاءِ نبي مقرر ڪيو آهي.


هاڻي يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ، يسوع گليل ۾ آيو، ۽ خدا جي انجيل جي منادي ڪندي چيائين،


جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري، تہ منهنجي پٺيان اچي؛ ۽ جتي آئون آهيان، اتي منهنجو خدمتگار بہ هوندو: جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري تہ اُنهي کي پيءُ عزت ڏيندو.


هن کان پوءِ آئون اوهان کي نوڪر ڪري نٿو سڏيان؛ ڇالاءِ تہ نوڪر کي خبر نہ آهي تہ سندس مالڪ ڇا ٿو ڪري: پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ وٽان ٻُڌيون آهن، سي سموريون اوهان کي ڄاڻايون اٿم.


اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا.


پر شائول، جنهن کي پولس بہ چوندا آهن، تنهن پاڪ روح سان ڀرجي ڏانهنس چتائي نهاريو،


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


جڏهن هن موڪل ڏنس، تڏهن پولس ڏاڪڻ تي بيهي ماڻهن کي هٿ سان اشارو ڏنو؛ ۽ جڏهن ڏاڍي ماٺ ٿي ويئي، تڏهن عبراني ٻوليءَ ۾ هنن کي هيئن چوڻ لڳو تہ،


پوءِ مون کي چيائين تہ هتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِ جو آئون توکي هتان پري غير قومن ۾ موڪليندس.


۽ آئون زمين تي ڪِري پيس، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌڻ ۾ آيم، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟


۽ اگرپا پولس کي چيو تہ هاڻي توکي ڳالهائڻ جي موڪل آهي. تڏهن پولس پنهنجو هٿ ڊگهيري، هن طرح پنهنجو بچاءُ ڏيڻ لڳو، تہ


۽ جڏهن اسين سڀ زمين تي ڪِري پياسين، تڏهن مون هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن عبراني ٻوليءَ ۾ مون کي چيو تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ پڻياٺيءَ تي لت هڻڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو آهي.


ڇاڪاڻ جو خدا، جنهن جو آئون آهيان، ۽ جنهن جي عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات جو مون وٽ آيو،


پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:


ڇالاءِ جو مون کي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڪري شرم نٿو اچي: انهي لاءِ تہ جيڪو بہ اُن تي ايمان ٿو آڻي، تنهن جي واسطي، يعني پهرين يهوديءَ جي واسطي، پوءِ يونانيءَ جي واسطي، نجات جي لاءِ اها خدا جي قدرت آهي.


جنهن جي معرفت اسان کي فضل ۽ رسالت ملي، انهي لاءِ تہ سندس نالي جي خاطر سڀني قومن مان ماڻهو ايمان جا تابعدار ٿين،


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،


پر آئون اوهان غير قومن سان ٿو ڳالهايان. ڇوتہ آئون غير قومن جو رسول آهيان، تنهنڪري پنهنجي خدمت جي وڏائي ٿو ڪريان:


تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.


۽ مون کي خبر آهي تہ جڏهن آئون اوهان وٽ ايندس، تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.


ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.


هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين،


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب يسوع مسيح جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان،


آئون آزاد نہ آهيان ڇا؟ آئون رسول نہ آهيان ڇا؟ مون اسان جي خداوند يسوع کي نہ ڏٺو آهي ڇا؟ اوهين خداوند ۾ منهنجي ڪاريگري نہ آهيو ڇا؟


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، انهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان، خدا جي اُنهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا ڪرنٿيس ۾ آهي، ۽ انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي ساري اخيہ ۾ آهن:


ڇالاءِ جو آئون پاڻ کي انهن افضل رسولن کان ذرو بہ گهٽ نٿو سمجهان.


يا مون اهو گناهہ ڪيو ڇا جو اوهان کي خدا جي خوشخبري مفت ٻُڌائي پنهنجو پاڻ کي هيٺ ڪيم تہ اوهين مٿي ٿيو؟


آئون بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، مگر اوهان ئي مون کي لاچار ڪيو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي منهنجي تعريف ڪرڻ کپندي هئي: انهي لاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون ڪي ڪين آهيان تہ بہ افضل رسولن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ آهيان.


هاڻي جڏهن آئون تروآس ۾ مسيح جي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ آيس ۽ خداوند ۾ منهنجي لاءِ هڪڙو در کُليو،


ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.


پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي،


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛


جنهن ۾ اوهان بہ سچائيءَ جو ڪلام، يعني پنهنجيءَ نجات جي خوشخبري ٻُڌي؛ ۽ جنهن تي اوهان ايمان بہ آندو، ۽ واعدي ڪيل پاڪ روح جي اوهان تي مهر لڳي،


۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛


انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.


مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:


۽ سڀڪا زبان قبول ڪري تہ يسوع مسيح خداوند آهي، جنهنڪري خدا پيءُ جو جلال ظاهر ٿئي.


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان،


جنهن جو آئون خادم مقرر ٿيس، خدا جي انهي انتظام موجب، جو اوهان جي واسطي مون کي ڏنو ويو؛ انهي لاءِ تہ آئون خدا جي ڪلام جي منادي پوري طرح ڪريان،


پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.


اهڙيءَ طرح اسان کي اوهان جي ڏاڍي سڪ هئي، تنهنڪري نہ فقط اوهان کي خدا جي خوشخبري ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، پر پنهنجو ساهہ بہ ڏيڻ لاءِ تيار هئاسين، جو اوهين اسان کي ڏاڍا پيارا ٿي لڳا.


ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهان کي اسان جي محبت ۽ مشقت ياد هوندي: جو اسان رات ڏينهن پورهيو ڪري اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي، تہ متان اوهان مان ڪنهن تي بوجو ٿي پئون.


پولس، جو اسان جي نجات ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اُميد، مسيح يسوع جي حڪم موجب، مسيح يسوع جو رسول آهي،


آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.


۽ انهيءَ انجيل جو آئون منادي ڪندڙ ۽ رسول ۽ تعليم ڏيندڙ مقرر ٿيو آهيان،


پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،


۽ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي لاءِ تيسين اها عزت اختيار نٿو ڪري، جيسين ڪ هارون وانگر خدا کان سڏيو نٿو وڃي.


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن.


ڇالاءِ جو اهو وقت اچي پهتو آهي تہ خدا جي ڪليسيا مان عدالت شروع ٿئي: ۽ جيڪڏهن اُها پهرين اسان وٽان شروع ٿيندي، تہ جيڪي خدا جي خوشخبريءَ کي نٿا مڃين، تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿيندي؟


يسوع مسيح جي بندي ۽ رسول شمعون پطرس جي طرفان انهن ڏانهن، جن اسان جي خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي راستبازيءَ ڪري اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ڪيو آهي:


يهوداهہ، جو يسوع مسيح جو غلام ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهي، تنهن جي طرفان انهن ڏانهن جيڪي سڏيل، ۽ خدا پيءُ جا پيارا، ۽ يسوع مسيح لاءِ حفاظت ۾ رکيل آهن،


يسوع مسيح جو مڪاشفو، جو خدا هن کي انهي لاءِ ڏنو تہ پنهنجن بندن کي اُهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن: ۽ هن پنهنجو ملائڪ موڪلي انهي جي معرفت پنهنجي بندي يوحنا تي اُهي ظاهر ڪيون؛


۽ هن مون کي چيو تہ هي ڳالهيون اعتبار جوڳيون ۽ سچيون آهن: ۽ خداوند، نبين جي روحن جي خدا، پنهنجو ملائڪ انهي لاءِ موڪليو تہ پنهنجن ٻانهن کي اهي ڳالهيون ڏيکاري، جي ضرور جلد ٿيڻ واريون آهن.


۽ هن مون کي چيو تہ ڏس، ائين نہ ڪر؛ آئون تو سان ۽ تنهنجي ڀائرن نبين سان، ۽ جيڪي هن ڪتاب جي ڳالهين تي هلن ٿا، تن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آهيان. خدا کي ئي سجدو ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ