Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 9:9 - Sindhi Bible

9 ۽ انهن جي ڇاتيءَ جون زرهون لوهہ جي زرهن جهڙيون هيون؛ ۽ انهن جي پيرن جو آواز اهڙو هو جهڙو جنگي رٿن جو آواز، جيئن گهڻا گهوڙا جنگ ۾ ڪاهي ايندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 انهيءَ جي ڇاتي لوهي سينابند جهڙي هئي ۽ ان جي پرن جي آواز مان ائين پئي لڳو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاهي پيا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 انهيءَ جي ڇاتي لوهي سينابند جهڙي هئي ۽ ان جي پرن جي آواز مان ائين پئي لڳو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاهي پيا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 انھن وٽ لوھہ جھڙيون زرھون ھيون ۽ سندن پرن جي آواز مان ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاھي پيا ھجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 9:9
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ڪڏهن قرناءِ جو آواز ٿئي ٿو تڏهن هو چوي ٿو تہ واہ واہ! ۽ هن کي جنگ جي پري کان بانس اچي ٿي. ۽ سردارن جي هڪل ۽ رڙين جي بہ.


هن جا هڏا پتل جي نالين جهڙا آهن؛ هن جا عضوا لوهہ جي گزن جهڙا آهن.


ڇالاءِ جو جنگ ۾ هٿيارن ٻڌل ماڻهوءَ جا سڀ هٿيار ۽ رت ۾ ڀريل ڪپڙا، ساڙڻ جي لاءِ باهہ جي ڪاٺين جهڙا ٿيندا.


هن جي زور وارن گهوڙن جي سنبن جي دٻڪي تي، هن جي گاڏين جي ڪڙڪي تي، هن جي ڦيٿن جي گوڙ تي، ماڻهو ضعيف هٿن ڪري پنهنجن ٻارن ڏي ڪنڌ ورائي نٿا نهارين؛


۽ انهيءَ طرح رويا ۾ مون اهڙا گهوڙا ۽ انهن جا سوار ڏٺا، جن جي ڇاتيءَ جي زرهن جو رنگ ڄڻ تہ سرخ، نيلو ۽ پيلو هو. ۽ انهن گهوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا؛ ۽ انهن جي واتن مان باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف پئي نڪتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ