Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 9:5 - Sindhi Bible

5 ۽ کين اهو اختيار ڏنو ويو تہ هنن کي اُڦٽ نہ مارين، پر پنجن مهينن تائين هنن کي عذاب پيا ڏين، ۽ هنن جو عذاب اهڙو هو جهڙو وڇونءَ جي ڏنگڻ ڪري ماڻهن جو ٿيندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 ماڪڙ کي اهو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انهن ماڻهن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مهينن تائين ايذاءَ ڏيندي رهي. ان جو ايذاءُ اهڙو هو جهڙو وِڇُونءَ جو ماڻهن کي ڏنگڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ماڪڙ کي اهو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انهن ماڻهن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مهينن تائين ايذاءَ ڏيندي رهي. ان جو ايذاءُ اهڙو هو جهڙو وِڇُونءَ جو ماڻهن کي ڏنگڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 مڪڙن کي اھو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انھن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مھينن تائين عذاب ڏيندا رھن. ھنن جو عذاب اھڙو ھو جھڙو وِڇُونءَ جو ماڻھن کي ڏنگڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 9:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي جڏهن منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي، تڏهن آءٌ اوهان جي پاڃاري اڃا بہ ڳري ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.


۽ جوان ماڻهن جي صلاح موجب هنن کي چيائين تہ، منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ اڃا بہ زيادہ ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.


۽ خداوند شيطان کي چيو تہ ڏس، هو تنهنجي هٿ ۾ آهي؛ رڳو هن جي حياتي بچيل رهي.


۽ اي آدمزاد، تون انهن کان نہ ڊڄ ۽ نہ انهن جي ڳالهين کان ڊڄ؛ جيتوڻيڪ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا توسان هجن ۽ تون وڇن منجهہ رهندو هجين تہ بہ انهن جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، ۽ نہ انهن جي شڪلين کان ڊڄ، جيتوڻيڪ هو باغي گهراڻو آهي.


تنهن کانپوءِ مون نهاريو تہ ٽيون جانور چيتي جهڙو ڏٺم، جنهن جي پٺيءَ تي پکيءَ جهڙا چار پَر هئا؛ انهي جانور کي چار مٿا بہ هئا؛ ۽ حڪومت انهي کي ڏني ويئي.


يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.


۽ جڏهن هو پنهنجي شاهدي پوري ڪري ڇڏيندا، تڏهن جيڪو حيوان اوڙاهہ مان نڪرندو سو ساڻن وڙهندو، ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجهندو.


۽ حيوان کي هڪڙو وات ڏنو ويو، جنهن سان هن وڏيون ڳالهيون پئي ڪيون ۽ ڪفر پئي بڪيو؛ ۽ ٻائيتاليهن مهينن تائين کيس پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ اختياري ڏني ويئي.


۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ پاڪ ٿيلن سان جنگ ڪري ۽ کين شڪست ڏئي، ۽ هن کي سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ، ۽ قوم تي اختيار ڏنو ويو.


۽ انهن جا پڇ ۽ ڏنگ وڇن جهڙا هئا، ۽ اُنهن جي پڇن ۾ اهڙي طاقت هئي جو پنجن مهينن تائين ماڻهن کي ايذاءُ رسائي سگهن.


۽ دونهين مان زمين تي مڪڙ نڪري آيا؛ ۽ انهن کي اهڙي طاقت ڏني ويئي، جهڙي زمين جي وڇن کي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ