Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 9:3 - Sindhi Bible

3 ۽ دونهين مان زمين تي مڪڙ نڪري آيا؛ ۽ انهن کي اهڙي طاقت ڏني ويئي، جهڙي زمين جي وڇن کي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 انهيءَ دونهين مان ماڪڙ نڪري ڌرتيءَ تي آئي. ان کي ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري ڌرتيءَ جي وِڇُن کي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ دونهين مان ماڪڙ نڪري ڌرتيءَ تي آئي. ان کي ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري ڌرتيءَ جي وِڇُن کي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 اُن دونھين مان زمين تي مڪڙ نڪري آيا ۽ کين ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري زمين جي وِڇُن کي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 9:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي جڏهن منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي هئي، تڏهن اُها آءٌ اڃا بہ ڳري ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.


۽ هاڻي جڏهن منهنجي پيءُ اوهان تي ڳري پاڃاري رکي، تڏهن آءٌ اوهان جي پاڃاري اڃا بہ ڳري ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.


۽ جوان ماڻهن جي صلاح موجب هنن کي چيائين تہ، منهنجي پيءُ اوهان جي پاڃاري ڳري ڪئي هئي، پر آءٌ اڃا بہ زيادہ ڪندس: منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي وڇن سان سزا ڏيندس.


اوهان جي لٽ جو مال ائين گڏ ڪيو ويندو، جيئن سوٻٽ گڏ ڪندا آهن: هو انهي تي ائين ٽپندا جيئن مڪڙ ٽپندا آهن.


۽ اي آدمزاد، تون انهن کان نہ ڊڄ ۽ نہ انهن جي ڳالهين کان ڊڄ؛ جيتوڻيڪ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا توسان هجن ۽ تون وڇن منجهہ رهندو هجين تہ بہ انهن جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، ۽ نہ انهن جي شڪلين کان ڊڄ، جيتوڻيڪ هو باغي گهراڻو آهي.


تہ جيڪي تڏين بچايو آهي سو مڪڙن کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي مڪڙن ڇڏيو آهي سو سُري کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي سُري ڇڏيو آهي سو سوٻٽن کاڌو آهي.


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


اُتي توکي باهہ چٽ ڪندي، ۽ ترار وڍي ڇڏيندي؛ اُها توکي مڪڙ وانگي کائي ڇڏيندي: مڪڙين وانگي پاڻ کي وڌاءِ، ۽ مڪڙن وانگي پاڻ کي گهڻو ڪر.


تنهنجا حاڪم مڪڙن وانگي آهن، ۽ تنهنجا سردار تڏن جي ميڙن وانگي آهن؛ جي سياري جي وقت لوڙهن ۾ منزل ٿا ڪن، پر جڏهن سج مٿي چڙهي ٿو، تڏهن ڀڄي ٿا وڃن، ۽ خبر ئي نٿي پوي تہ ڪٿي آهن.


ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي، تہ سپن ۽ وڇن کي لتاڙي ڇڏيو، ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ۽ ڪنهن بہ شيءِ مان اوهان کي ايذاءُ ڪڏهن ڪين رسندو.


جو انهي وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ تنهنجو رهبر ٿيو، جنهن ۾ زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا، ۽ زمين پاڻيءَ کان سواءِ خشڪ ٿي ويئي هئي؛ جنهن تنهنجي لاءِ چقمق جي ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو؛


۽ کين اهو اختيار ڏنو ويو تہ هنن کي اُڦٽ نہ مارين، پر پنجن مهينن تائين هنن کي عذاب پيا ڏين، ۽ هنن جو عذاب اهڙو هو جهڙو وڇونءَ جي ڏنگڻ ڪري ماڻهن جو ٿيندو آهي.


۽ انهن مڪڙن جون شڪليون اهڙيون هيون جهڙيون گهوڙن جون، جي جنگ لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن؛ ۽ اُنهن جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جهڙا تاج هئا، ۽ سندن منهن انسانن جهڙا هئا.


۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ