Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 9:18 - Sindhi Bible

18 ۽ اهي ٽيئي آفتون، يعني باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف، جي هنن جي وات مان پئي نڪتيون، تن ماڻهن جو ٽيون حصو ماري وڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 اهي ٽيئي آفتون يعني باهہ، دونهون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي وات مان پئي نڪتيون، تن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اهي ٽيئي آفتون يعني باهہ، دونهون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي وات مان پئي نڪتيون، تن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 اُھي ٽيئي آفتون يعني باھہ، دونھون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي منھن مان پئي نڪتيون، تن انسانن جو ٽيون حصو ماري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 9:18
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٽئين ملائڪ تري وڄائي تہ هڪڙو وڏو تارو، مشعل وانگر ٻرندڙ، آسمان مان ڪِري پيو، ۽ ندين جي ٽئين حصي مٿان ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان اچي پيو.


۽ اُنهي تاري جو نالو گوماندر سڏبو آهي: ۽ پاڻيءَ جو ٽيون حصو گوماندر ٿي پيو، ۽ پاڻيءَ جي ڪَڙي هئڻ ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا.


۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.


۽ پهرئين تري وڄائي تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي: ۽ زمين جون ٽيون حصو سڙي ويو، ۽ سڀ سائو گاهہ بہ سڙي ويو.


۽ ٻئي ملائڪ تري وڄائي تہ ڄڻ باهہ سان ٻرندڙ هڪڙو وڏو جبل اُڇلجي وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو؛


۽ سمنڊ جي خلقت جو ٽيون حصو، يعني اُهي جن کي ساهہ هو، سي مري ويا، ۽ جهازن جو ٽيون حصو بہ برباد ٿي ويو.


۽ اهي چار ملائڪ ڇوڙيا ويا، جي انهيءَ گهڙيءَ، ۽ ڏينهن، ۽ مهيني، ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا هئا، تہ ماڻهن جي ٽئين حصي کي ماري وجهن.


۽ انهيءَ طرح رويا ۾ مون اهڙا گهوڙا ۽ انهن جا سوار ڏٺا، جن جي ڇاتيءَ جي زرهن جو رنگ ڄڻ تہ سرخ، نيلو ۽ پيلو هو. ۽ انهن گهوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا؛ ۽ انهن جي واتن مان باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف پئي نڪتو.


ڇالاءِ جو انهن گهوڙن جو زور سندن واتن ۽ سندن پڇن ۾ هو: انهن جا پڇ نانگن جهڙا هئا، ۽ کين سسيون بہ هيون، جن سان هنن ايذاءُ ٿي رسايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ