Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 9:14 - Sindhi Bible

14 ۽ جنهن ڇهين ملائڪ وٽ تري هئي، تنهن کي ڪنهن چيو تہ جيڪي چار ملائڪ وڏيءَ نديءَ فرات وٽ ٻَڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ان آواز انهيءَ ڇهين دوت کي چيو تہ ”جيڪي چار دوت وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ان آواز انهيءَ ڇهين ملائڪ کي چيو تہ ”جيڪي چار ملائڪ وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 اُن آواز انھيءَ توتاري واري ڇھين ملائڪ کي چيو تہ ”جيڪي چار ملائڪ وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آھن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 9:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جا اسور جي اُڀرندي ڏانهن ٿي وڃي. ۽ چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي.


دائود ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر، بن رحوب کي بہ شڪست ڏني، جڏهن هو فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ويو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون هي ڪتاب پڙهي پورو ڪرين، تڏهن انهي سان هڪڙو پهڻ ٻڌي فرات نديءَ جي وچ ۾ انهي کي اُڇلائي ڇڏجانءِ؛


هاڻي اوهين ڦرو، ۽ سفر ڪريو، ۽ امورين جي جابلو ملڪ ۾، ۽ انهي جي آس پاس واري آرباہ ۾، ۽ ٽڪرائتي ڀاڱي ۾، ۽ هيٺانهين زمين ۾، ۽ ڏاکڻي پاسي، ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين، ڪنعانين جي ملڪ ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ وڏيءَ ندي فرات تائين وڃو.


بيابان، ۽ هن لبنان کان وٺي وڏيءَ نديءَ، يعني فرات نديءَ تائين، حتين جو سارو ملڪ، ۽ اُلهندي ڏي وڏي سمنڊ تائين، اوهان جي سرحد ٿيندي.


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.


۽ مون ٻئي ملائڪ کي ڏٺو تہ زندہ خدا جي مهر کڻي اُڀرندي کان مٿي چڙهي آيو: ۽ جن چئن ملائڪن کي اهو اختيار ڏنو ويو هو تہ زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ،


۽ مون اُهي ست ملائڪ ڏٺا، جي خدا جي حضور ۾ بيهندا آهن؛ انهن کي ست تريون ڏنيون ويون.


۽ اُهي ست ملائڪ، جن وٽ ست تريون هيون، تن انهن جي وڄائڻ جي تياري ڪئي.


۽ اهي چار ملائڪ ڇوڙيا ويا، جي انهيءَ گهڙيءَ، ۽ ڏينهن، ۽ مهيني، ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا هئا، تہ ماڻهن جي ٽئين حصي کي ماري وجهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ