Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 8:9 - Sindhi Bible

9 ۽ سمنڊ جي خلقت جو ٽيون حصو، يعني اُهي جن کي ساهہ هو، سي مري ويا، ۽ جهازن جو ٽيون حصو بہ برباد ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 تڏهن سمنڊ جي ٽئين حصي جا سڀ جاندار مري ويا ۽ ٽئين حصي جا سامونڊي جهاز بہ تباهہ ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن سمنڊ جي ٽئين حصي جا سڀ جاندار مري ويا ۽ ٽئين حصي جا سامونڊي جهاز بہ تباهہ ٿي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 سمنڊ جي مخلوق جو ٽيون حصو مري ويو ۽ جھازن جو بہ ٽيون حصو تباھہ ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 8:9
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اڀرندي جي هوا سان ترسيس جي جهازن کي ڀڃيو ڇڏين.


۽ درياهہ ۾ جيڪي مڇيون هيون، سي سڀ مري ويون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي، ۽ مصري درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو.


۽ ترسيس جي سڀني جهازن ۽ سڀني سهڻين مورتن تي.


صور بابت ڪلام. اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ سڄي ملڪ مان ٻہ حصا قتل ٿي ويندا ۽ مرندا، ۽ باقي ٽيون حصو بچي ويندو.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.


۽ ٻئي پنهنجو پيالو سمنڊ تي اوتيو؛ ۽ اُهو مُئل ماڻهوءَ جي رت جهڙو ٿي پيو؛ ۽ سمنڊ ۾ جيڪي جاندار هئا، سي سڀ مري ويا.


۽ ٽئين ملائڪ تري وڄائي تہ هڪڙو وڏو تارو، مشعل وانگر ٻرندڙ، آسمان مان ڪِري پيو، ۽ ندين جي ٽئين حصي مٿان ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان اچي پيو.


۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.


۽ پهرئين تري وڄائي تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي: ۽ زمين جون ٽيون حصو سڙي ويو، ۽ سڀ سائو گاهہ بہ سڙي ويو.


۽ اهي چار ملائڪ ڇوڙيا ويا، جي انهيءَ گهڙيءَ، ۽ ڏينهن، ۽ مهيني، ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا هئا، تہ ماڻهن جي ٽئين حصي کي ماري وجهن.


۽ اهي ٽيئي آفتون، يعني باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف، جي هنن جي وات مان پئي نڪتيون، تن ماڻهن جو ٽيون حصو ماري وڌو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ