Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 8:5 - Sindhi Bible

5 ۽ انهيءَ ملائڪ اُهو خوشبودان کڻي، انهي کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري، زمين تي اُڇلائي وڌو؛ ۽ پوءِ گجگوڙيون، ۽ آواز، ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 پوءِ دوت اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي ٻليدان واري جاءِ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ ملائڪ اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي قربان‌گاهہ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 پوءِ ملائڪ اھو خوشبودان کڻي، انھيءَ کي قربان⁠گاھہ جي باھہ سان ڀري زمين تي اڇلائي ڇڏيو، جنھن تي گجگوڙون، آواز ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون ۽ زلزلو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 8:5
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن چيو تہ وڃي خداوند جي اڳيان جبل تي بيهي رهہ. ۽ ڏس، خداوند اچي اُتان لنگهيو، ۽ سخت زور واري آنڌيءَ لڳڻ ڪري جبل ڦاٽي پيا، ۽ ٽڪر خداوند جي اڳيان ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيا؛ پر خداوند واءُ ۾ ڪونہ هو: ۽ واءُ کان پوءِ زلزلو آيو؛ پر خداوند اُنهيءَ زلزلي ۾ بہ نہ هو:


خداوند آسمان مان گجگار ڪئي، ۽ خدا تعاليٰ پنهنجو آواز ڪڍيو، تہ ڳڙا ۽ ٽانڊا وسيا.


۽ ٽئين ڏينهن صبح جو بجلي چمڪڻ ۽ گجگوڙ ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙو گهاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو، ۽ تريءَ جو تمام وڏو آواز ٿيو، اهڙو جو منزلگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.


لشڪرن جو خداوند، گجگوڙ سان، ۽ زلزلي سان، ۽ وڏي آواز سان، واچوڙي سان، ۽ طوفان سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، توکي سزا ڏيڻ ايندو.


۽ خداوند پنهنجو جلال وارو آواز ٻڌائيندو، ۽ پنهنجي غصي جي جوش سان، ۽ تباهہ ڪندڙ باهہ جي شعلي سان، ۽ واچ ۽ طوفان ۽ ڳڙن سان پنهنجي ٻانهن جو نازل ٿيڻ ڏيکاريندو.


شهر مان گڙٻڙ جو هل، ۽ هيڪل مان بہ آواز ٿو ٻڌجي. خداوند جو آواز، جو پنهنجي دشمن کي بدلو ٿو ڏئي.


تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي.


پوءِ هو هڪڙو لوبان دان کڻي، انهي کي خداوند جي اڳيان قربانگاهہ تان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري، ۽ خوشبودار لوبان ڪُٽي سنهو ڪري، ۽ انهي سان پنهنجون مٺيون ڀري پردي جي اندر آڻي:


۽ اوهين منهنجي جبل جي واديءَ مان لنگهي ڀڄندا، ڇالاءِ جو جبلن جي وادي آضل تائين هوندي: هائو، اوهين ائين ڀڄندا، جيئن يهوداہ جا بادشاهہ عزياہ جي زماني ۾ زلزلي کان ڀڳا هئا: ۽ خداوند منهنجو خدا ايندو، ۽ سڀ پاڪ شخص توسان ايندا.


ڇوتہ قوم قوم تي، ۽ بادشاهت بادشاهت تي چڙهائي ڪندي؛ ۽ ڪيترن ئي هنڌ ڏڪار پوندا، ۽ زلزلا ٿيندا.


آئون زمين تي باهہ لڳائڻ آيو آهيان؛ ۽ جي اڳيئي لڳل هجي ها تہ ڪهڙو نہ چڱو؟


تہ اوچتو ئي اوچتو اهڙو زلزلو اچي ٿيو، جو قيدخاني جي عمارت جي پيڙهہ ئي لُڏي ويئي، ۽ انهي دم سڀ دروازا پَٽجي پيا، ۽ سڀني جون ٻيڙيون کُلي پيون.


۽ جڏهن هو دعا گهُري رهيا، تڏهن جنهن جاءِ ۾ هو گڏ ٿيا ويٺا هئا، سا اچي ڌڏڻ لڳي؛ ۽ هو سڀ پاڪ روح سان ڀرجي ويا، ۽ خدا جو ڪلام بي ڊپا ٿي ٻُڌائڻ لڳا.


۽ اُنهيءَ گهڙيءَ وڏو زلزلو ٿيو، ۽ شهر جو ڏهون حصو ڪِري پيو؛ ۽ انهي زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا؛ ۽ باقي ٻيا ڊڄي ويا ۽ آسمان جي خدا جو جلال ظاهر ڪرڻ لڳا.


۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.


۽ انهي تخت مان کنوڻيون، ۽ آواز ۽ گجگوڙيون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جي خدا جا ست روح آهن؛


۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛


۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ