Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 8:3 - Sindhi Bible

3 ۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 هڪڙو ٻيو دوت جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي ٻليدان واري جاءِ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پوِتر ڪيلن جي پرارٿنائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هڪڙو ٻيو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي قربان‌گاهہ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو، جنھن جي ھٿ ۾ سونو خوشبودان ھو. اھو قربان⁠گاھہ وٽ اچي بيٺو ۽ کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن خدا جي سڄي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ سوني قربان⁠گاھہ تي چاڙھي جيڪا تخت جي اڳيان ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 8:3
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پيالا، ۽ ڦل وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ چمچا، ۽ باهہ کڻڻ جون ٿالهيون، نج سون جون؛ ۽ نرماد اندرئين گهر جي درن لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، ۽ گهر جي درن لاءِ، يعني هيڪل جي لاءِ، سون جا.


شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ لوبان وانگي ٿئي؛ ۽ منهنجي هٿن جو مٿي کڻڻ سانجهيءَ جي قربانيءَ وانگر ٿئي.


۽ هن جماعت واري تنبوءَ ۾، پردي جي سامهون، سوني قربانگاهہ رکي،


تڏهن سرافيم مان هڪڙو اُڏامي مون وٽ آيو ۽ سندس هٿ ۾ هڪڙو ٽانڊو هو، جو هن چمٽي سان قربانگاهہ تان کنيو هو:


قربانگاهہ ڪاٺ جي هئي، ۽ ٽي هٿ اوچي ۽ ٻہ هٿ ڊگهي هئي؛ ۽ انهي جون ڪُنڊون ۽ انهي جي ڊيگهہ، ۽ انهي جون ڀتيون ڪاٺ جون هيون: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها ميز آهي جا خداوند جي اڳيان آهي.


مون خداوند کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو، ۽ هن فرمايو تہ در جي ڇتين کي ڌڪ هڻ تہ چانئٺيون لُڏن: ۽ اُهي هنن سڀني جي مٿان ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏ، ۽ هنن مان جيڪي باقي بچندا تن کي آءٌ ترار سان قتل ڪندس: ۽ هڪڙو بہ ڀڄي نہ ويندو، ۽ ڪوبہ ڇُٽي نہ ويندو.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


۽ هو سوني قربانگاهہ جي مٿان آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهي کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.


۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛


۽ ماڻهن جي سموري جماعت لوبان ساڙڻ جي مهل ٻاهر دعا پئي گهُري.


ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛


۽ مون ٻيو زور وارو ملائڪ، جو بادلن سان ڍڪيل هو، آسمان مان لهندو ڏٺو، ۽ انهي جي مٿي تي انڊلٺ هئي، ۽ سندس منهن سج جهڙو هو، ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.


۽ قربانگاهہ مان هڪڙو ٻيو ملائڪ نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو، ۽ هن تکي ڏاٽي واري کي وڏي آواز سان سڏي چيو، تہ پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر؛ ڇالاءِ جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آهي.


۽ جڏهن هن ڪتاب ورتو، تڏهن اهي چار جاندار ۽ چوويهہ بزرگ انهي گهيٽي کي پيرين پيا، ۽ هرهڪ وٽ هڪڙو تنبورو، ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا هئا، جي پاڪ ٿيلن جون دعائون آهن.


۽ جڏهن هن پنجين مهر کولي، تڏهن مون قربانگاهہ جي هيٺان اُنهن جا روح ڏٺا جي خدا جي ڪلام ۽ پنهنجي شاهديءَ جي صدقي قتل ڪيا ويا هئا.


۽ مون ٻئي ملائڪ کي ڏٺو تہ زندہ خدا جي مهر کڻي اُڀرندي کان مٿي چڙهي آيو: ۽ جن چئن ملائڪن کي اهو اختيار ڏنو ويو هو تہ زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ،


۽ اُهو لوبان جو دونهون پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ اُنهيءَ ملائڪ جي هٿان خدا وٽ چڙهي وڃي پهتو.


۽ انهيءَ ملائڪ اُهو خوشبودان کڻي، انهي کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري، زمين تي اُڇلائي وڌو؛ ۽ پوءِ گجگوڙيون، ۽ آواز، ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو آيو.


۽ ڇهين ملائڪ تري وڄائي تہ خدا جي اڳيان جيڪا سوني قربانگاهہ آهي، اُنهي جي سڱن مان هڪڙو آواز ٻُڌم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ