Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 8:13 - Sindhi Bible

13 ۽ مون آسمان جي وچ ۾ هڪڙي عقاب کي اُڏامندو ڏٺو ۽ وڏي آواز سان هيئن چوندو ٻُڌم، تہ باقي ٽن ملائڪن جون تريون، جي اڃا انهن کي وڄائڻيون آهن، تن جي ڪري زمين جي رهڻ وارن تي افسوس، افسوس، افسوس!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن دوتن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ زمين تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 پوءِ مون آسمان جي وچ ۾ ھڪڙي عقاب کي اڏامندي ڏٺو ۽ کيس وڏي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”ٽن ملائڪن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آھن ۽ جڏھن اُھي وڄايا ويندا تہ زمين تي رھڻ وارن تي ڪيڏو نہ افسوس ٿيندو، ھا افسوس صد افسوس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 8:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند جا فرشتا، اوهين جي طاقتوارا آهيو، ۽ هن جي ڪلام جو آواز ٻڌي مٿس عمل ٿا ڪريو، سي کيس مبارڪ چئو.


۽ هن اُها منهنجي اڳيان پکيڙي رکي؛ ۽ اُها اندران ٻاهران لکيل هئي: ۽ انهي ۾ زاريون ۽ ماتم ۽ ڏک جون ڳالهيون هيون.


هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟


ٻي مصيبت لنگهي ويئي: ڏسو، ٽين مصيبت جلد ٿي اچي.


تنهنڪري، اي آسمان، ۽ آسمان جا رهاڪو، خوشي ڪريو. پر اي زمين ۽ سمنڊ، اوهان جي لاءِ افسوس آهي: ڇالاءِ جو ابليس ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان اوهان ڏانهن لهي آيو آهي، ۽ خبر اٿس تہ باقي ٿورو وقت اٿم.


۽ اُنهن تخت جي اڳيان، ۽ چئن جاندارن ۽ بزرگن جي اڳيان، هڪڙو نئون راڳ پئي ڳايو. ۽ اُهي هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزار ماڻهو، جي دنيا مان خريد ڪيا ويا هئا، تنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو اُهو راڳ سکي نہ سگهيو.


۽ مون هڪڙو ملائڪ آسمان ۾ اُڏامندو ڏٺو، جنهن وٽ زمين جي رهاڪن، ۽ سڀ ڪنهن قوم، ۽ قبيلي، ۽ ٻوليءَ ۽ اُمت کي ٻُڌائڻ لاءِ هميشہ جي خوشخبري هئي.


پوءِ مون هڪڙي ملائڪ کي سج تي بيٺل ڏٺو؛ ۽ انهي وڏي آواز سان آسمان ۾ سڀني اُڏامندڙ پکين کي سڏ ڪري چيو تہ اچو، ۽ خدا جي وڏيءَ ضيافت ۾ اچي گڏ ٿيو؛


ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي.


۽ مون اُهي ست ملائڪ ڏٺا، جي خدا جي حضور ۾ بيهندا آهن؛ انهن کي ست تريون ڏنيون ويون.


۽ پنجين ملائڪ تري وڄائي ۽ مون آسمان مان زمين تي هڪڙو تارو ڪِريل ڏٺو: ۽ انهي کي اوڙاهہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.


پهرين مصيبت هاڻي لنگهي ويئي: ڏسو، باقي ٻہ مصيبتون هن کان پوءِ اينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ