Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 8:11 - Sindhi Bible

11 ۽ اُنهي تاري جو نالو گوماندر سڏبو آهي: ۽ پاڻيءَ جو ٽيون حصو گوماندر ٿي پيو، ۽ پاڻيءَ جي ڪَڙي هئڻ ڪري گهڻا ماڻهو مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 انهيءَ تاري جو نالو ”ڪؤڙاڻ“ هو، جنهن سان ڌرتيءَ جي پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪؤڙو ٿي پيو ۽ انهيءَ ڪؤڙي پاڻي پيئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ تاري جو نالو ”ڪؤڙاڻ“ هو، جنهن سان ڌرتيءَ جي پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪؤڙو ٿي پيو ۽ انهيءَ ڪؤڙي پاڻي پيئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 انھيءَ تاري جو نالو ”گوماندر“ آھي، جنھن سان پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪڙو ٿي پيو ۽ پاڻي ڪڙي ٿيڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو مري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 8:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو مارہ ۾ آيا، تڏهن مارہ جو پاڻي پي نہ سگهيا ڇو تہ اهو ڪوڙو هو؛ انهيءَ ڪري هن جو نالو مارہ پيو هو.


پر ان جي پڇاڙي زهر جهڙي ڪَڙي، ۽ ٻہ منهين ترار جهڙي تکي آهي.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند بنيمين بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي ناگدؤن کارائيندس ۽ پت جو پاڻي پياريندس: ڇالاءِ جو يروشلم جي نبين مان ئي ناپاڪي نڪري سڄي ملڪ ۾ پکڙي وئي آهي.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.


منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.


هن منهنجي برخلاف اڏاوت ڪئي آهي، ۽ هن مون کي زهر ۽ زحمت سان وڪوڙيو آهي.


اوهين جي عدالت کي ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي زمين تي اُڇلائي ٿا ڇڏيو؛


گهوڙا ٽڪر تي ڊوڙندا ڇا؟ اُتي ڪو ڍڳن سان هر ڪاهي سگهبو ڇا؟ اوهان عدالت ڦيرائي زهر ڪري ڇڏي آهي، ۽ سچائيءَ جو ميوو ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ڇڏيو.


۽ هيئن ٿيندو تہ سڄي ملڪ مان ٻہ حصا قتل ٿي ويندا ۽ مرندا، ۽ باقي ٽيون حصو بچي ويندو.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، يا زال، يا خاندان، يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي، ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي عبادت ڪري؛ متان اوهان منجهہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جا پتي ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ڦل ڏئي؛


خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛


۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.


۽ پهرئين تري وڄائي تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي: ۽ زمين جون ٽيون حصو سڙي ويو، ۽ سڀ سائو گاهہ بہ سڙي ويو.


۽ اهي چار ملائڪ ڇوڙيا ويا، جي انهيءَ گهڙيءَ، ۽ ڏينهن، ۽ مهيني، ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا هئا، تہ ماڻهن جي ٽئين حصي کي ماري وجهن.


۽ اهي ٽيئي آفتون، يعني باهہ، ۽ دونهون، ۽ گندرف، جي هنن جي وات مان پئي نڪتيون، تن ماڻهن جو ٽيون حصو ماري وڌو.


۽ هن چين تہ مون کي نعومي نہ ڪوٺيو، مون کي مارہ ڪوٺيو: ڇالاءِ جو قادر مطلق مون سان ڏاڍي ڪَرڙي هلت ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ