Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 8:1 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن هن ستين مهر کولي، تڏهن اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 جڏهن گھيٽڙي ستين مُهر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آڪاش ۾ ماٺ ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن گھيٽڙي ستين مُهر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن گھيٽي ستين مُھر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 8:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ماٺ ڪري بيٺو، پر انهيءَ کي آءٌ چٽيءَ طرح ڏسي نہ سگهيس؛ فقط هڪڙي شڪل منهنجن اکين اڳيان هئي، ماٺ لڳي پيئي هئي، ۽ مون هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ،


خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر.


منهنجي جان کي رڳو خدا جي آس آهي: انهي کان ئي منهنجي نجات آهي.


پر خداوند پنهنجي پاڪ هيڪل ۾ آهي، ۽ سڄي زمين هن جي اڳيان خاموش رهي.


اي سڀ ساهہ وارا، خداوند جي اڳيان ماٺ ۾ رهو. ڇالاءِ جو هو پنهنجي پاڪ مڪان مان اُٿيو آهي.


تڏهن هو پهري وارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا، ۽ پهڻ تي مهر هڻي، قبر جي حفاظت ڪيائون.


جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ڪتاب ڏٺو، جو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو ۽ ستن مهرن سان بند ٿيل هو.


۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،


۽ مون ڏٺو تہ جڏهن گهيٽي انهن ستن مهرن مان هڪڙي کولي، تڏهن انهن چئني جاندارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندو ٻُڌم تہ ”اچ.“


۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛


۽ جڏهن هن ٻي مهر کولي، تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٻئي جاندار چيو تہ ”اچ.“


۽ جڏهن هن ٽين مهر کولي تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٽئين جاندار چيو تہ ”اچ.“ ۽ مون نهاريو ۽ هڪڙو ڪارو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جي هٿ ۾ هڪڙي ساهمي هئي.


۽ جڏهن هن چوٿين مهر کولي، تڏهن مون چوٿين جاندار کي چوندو ٻُڌو تہ ”اچ.“


۽ جڏهن هن پنجين مهر کولي، تڏهن مون قربانگاهہ جي هيٺان اُنهن جا روح ڏٺا جي خدا جي ڪلام ۽ پنهنجي شاهديءَ جي صدقي قتل ڪيا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ