Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 7:2 - Sindhi Bible

2 ۽ مون ٻئي ملائڪ کي ڏٺو تہ زندہ خدا جي مهر کڻي اُڀرندي کان مٿي چڙهي آيو: ۽ جن چئن ملائڪن کي اهو اختيار ڏنو ويو هو تہ زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پوءِ مون هڪڙي ٻئي دوت کي اوڀر کان مٿي ايندي ڏٺو، جنهن وٽ جيوت ايشور جي مُهر هئي. جن چئن دوتن کي هوائن تي اختيار ڏنو ويو هو تہ جيئن اهي ڌرتيءَ ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انهيءَ دوت وڏي آواز سان چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ مون هڪڙي ٻئي ملائڪ کي اوڀر کان مٿي ايندي ڏٺو، جنهن وٽ زندہ خدا جي مُهر هئي. جن چئن ملائڪن کي هوائن تي اختيار ڏنو ويو هو تہ جيئن اهي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انهيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 پوءِ مون ھڪ ٻئي ملائڪ کي زندہ خدا جي مُھر کنيو اڀرندي کان مٿي ايندي ڏٺو ۽ جن چئن ملائڪن کي اھو اختيار ڏنو ويو ھو تہ اھي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انھيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 7:2
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

من خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون سڀ ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس ڌڻيءَ اسور جي بادشاهہ موڪليو آهي تہ جيئري خدا کي ملامت ڪري، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌيون آهن تن بابت هو ڇڙٻي: تنهنڪري باقي جيڪي بچيا آهن، تن جي حق ۾ دعا گهر.


مون کي مهر وانگر پنهنجي دل تي هڻ، ۽ مهر وانگر پنهنجي ٻانهن تي رک: ڇالاءِ جو محبت موت وانگر زور واري آهي: حسد قبر وانگر ظلم ڪندڙ آهي: ان جا شعلا باهہ جا شعلا آهن، اُها خود خداوند جو شعلو آهي.


ڪنهن اُڀرندي کان هڪڙي کي کڙو ڪيو آهي، جنهن کي هن راستبازيءَ سان پنهنجن قدمن ۾ سڏيو آهي؟ هو قومن کي هن جي حوالي ٿو ڪري، ۽ هن کي بادشاهن جي مٿان حاڪم ٿو ڪري: هو انهن کي مٽيءَ وانگي هن جي ترار جي، ۽ بهہ وانگي هن جي ڪمان جي حوالي ٿو ڪري.


۽ خداوند هن کي چيو تہ شهر جي وچان، يعني يروشلم جي وچان، لنگهي وڃ ۽ انهي منجهہ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ ۾ ٿا اچن، تن لاءِ جيڪي ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪن ٿا، تن جي پيشانين تي نشان ڪر.


ڏسو آءٌ پنهنجو پيغمبر موڪليندس، ۽ هو منهنجي اڳيان راهہ تيار ڪندو: ۽ خداوند، جنهن جا اوهين طالب آهيو، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندو؛ ڏسو، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ عهد جو پيغمبر، جنهن جا اوهين خواهشمند آهيو، اُهو ايندو.


پر اوهين جي منهنجي نالي جي تعظيم ٿا ڪريو، تن جي لاءِ صداقت جو آفتاب اُڀرندو، ۽ انهيءَ جي ڪرڻن ۾ شفا هوندي، ۽ اوهين وٿاڻ جي گابن وانگي ايندا ۽ نچندا ٽپندا.


۽ شمعون پطرس ورندي ڏيئي چيو تہ تون مسيح، زندہ خدا جو فرزند آهين.


پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟


جيڪو کاڄ فاني آهي، تنهن لاءِ محنت نہ ڪريو، پر اُنهي کاڄ لاءِ، جو هميشہ جي زندگيءَ تائين هلي ٿو، جو ابن آدم اوهان کي ڏيندو: ڇالاءِ تہ پيءُ يعني خدا، هن تي ئي مهر هنئي آهي.


انهي اسان تي مهر بہ هنئي ۽ اسانجين دلين ۾ روح سوٿيءَ طور ڏنائين.


جنهن ۾ اوهان بہ سچائيءَ جو ڪلام، يعني پنهنجيءَ نجات جي خوشخبري ٻُڌي؛ ۽ جنهن تي اوهان ايمان بہ آندو، ۽ واعدي ڪيل پاڪ روح جي اوهان تي مهر لڳي،


۽ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان تي ڇوٽڪاري جي ڏينهن تائين مهر لڳي.


ڇالاءِ جو اهڙو ڪهڙو انسان آهي، جو اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندو ٻڌي، ۽ پوءِ بہ جيئرو رهي؟


ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو،


تنهن هوندي بہ خدا جو مضبوط بنياد قائم آهي، ۽ انهي تي اها مهر لڳل آهي تہ ”جيڪي خداوند جا آهن، تن کي هو سڃاڻي ٿو؛“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو ٿو وٺي، تنهن کي ناراستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“


پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛


مبارڪ آهي اُهو، جو هن پيشنگوئي جون ڳالهيون پڙهي ٿو، ۽ اُهي جي ٻُڌن ٿا، ۽ جيڪي اُنهيءَ ۾ لکيل آهي تنهن تي هلن ٿا: ڇالاءِ جو وقت ويجهو آهي.


۽ مون ٻيو زور وارو ملائڪ، جو بادلن سان ڍڪيل هو، آسمان مان لهندو ڏٺو، ۽ انهي جي مٿي تي انڊلٺ هئي، ۽ سندس منهن سج جهڙو هو، ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون.


۽ جڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا، تڏهن آئون لکڻ تي هوس: پر مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ جي ڳالهيون اُنهن ستن گجگوڙين ڪيون، تن تي مهر هڻي ڇڏ، ۽ اُهي نہ لک.


۽ ڇهين ملائڪ پنهنجو پيالو وڏيءَ نديءَ فرات تي اوتيو ۽ ان جو پاڻي سُڪي ويو، تان تہ جيڪي بادشاهہ اُڀرندي کان اچن، تن جي لاءِ رستو تيار ٿي وڃي.


۽ مون هڪڙي زور واري ملائڪ کي وڏي آواز سان هيءَ منادي ڪندو ڏٺو، تہ هن ڪتاب جي کولڻ ۽ انهي جي مهر ڀڃڻ جي لائق ڪير آهي؟


۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي.


۽ جنهن ڇهين ملائڪ وٽ تري هئي، تنهن کي ڪنهن چيو تہ جيڪي چار ملائڪ وڏيءَ نديءَ فرات وٽ ٻَڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.


۽ انهن کي چيو ويو تہ زمين جي گاهہ کي، يا ڪنهن سائيءَ شيءِ کي، يا ڪنهن بہ وڻ کي ايذاءُ نہ رسائجو، پر رڳو انهن ماڻهن کي، جن جي پيشانين تي خدا جي مهر نہ هجي.


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ