Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 6:15 - Sindhi Bible

15 ۽ زمين جا بادشاهہ، ۽ حاڪم، ۽ وڏا سردار، ۽ دولتمند، ۽ پهلوان، ۽ سڀيئي ٻانها ۽ آزاد ماڻهو، غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪي ويٺا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ڌرتيءَ جا راجا، حاڪم، فوجي سردار، دولتمند ۽ ٻلوان، غلام توڙي آزاد هر ڪو ماڻهو جبلن جي غارن ۽ ڇِپن ۾ وڃي لڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ڌرتيءَ جا بادشاهہ، حاڪم، فوجي سردار، دولتمند ۽ زورآور، غلام توڙي آزاد هر ڪو ماڻهو جبلن جي غارن ۽ ڇِپن ۾ وڃي لڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 دنيا جا بادشاھہ، حاڪم، وڏا سردار، دولتمند ۽ پھلوان، سڀيئي ٻانھا ۽ آزاد ماڻھو غارن ۽ جبلن جي ڇپن ۾ وڃي لڪا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 6:15
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏينهن ٺرئي جڏهن خداوند خدا باغ ۾ پئي گهميو، تڏهن هنن سندس آواز ٻڌو، ۽ آدم ۽ سندس زال خداوند جي حضوريءَ کان هٽي باغ جي وڻن ۾ وڃي لڪي ويٺا.


هو سردارن جو ساهہ سڪائي ڇڏيندو: هو زمين جي بادشاهن لاءِ هيبتناڪ آهي.


خداوند جي خوف کان ۽ سندس وڏائي جي جلال کان ٽڪر ۾ گِهڙ، ۽ پاڻ کي مٽيءَ ۾ لڪاءِ.


۽ ماڻهو ٽڪرن جي غارن ۾، ۽ زمين جي چرن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائيءَ جي جلال کان وڃي لڪندا، جنهن وقت هو زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو.


انهيءَ لاءِ تہ جڏهن خداوند زمين کي سخت لوڏن ڏيڻ لاءِ اُٿندو، تڏهن اهو ٽڪرن جي غارن ۾ ۽ ڏونگرن جي ڦاٽن ۾، خداوند جي هيبت جي اڳيان، ۽ سندس وڏائي جي جلال کان وڃي لڪي.


پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون.


هو نانگ وانگي مٽي چٽينديون؛ ۽ زمين جي سرڻن وانگي هو پنهنجن ٻرن مان ڏڪنديون ٻاهر اينديون: هو خداوند اسان جي خدا وٽ ڊپ سان اينديون، ۽ تنهنجي ڪري ڊڄنديون.


(دنيا انهن جي لائق نہ هئي)، هو بيابانن ۽ جبلن ۽ غارن ۽ زمين جي چرن ۾ رهيا.


۽ تو ۾ وري ڏيئي جو سوجهرو ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، ۽ تو ۾ وري گهوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ڪڏهن بہ ٻُڌڻ ۾ ڪونہ ايندو! تنهنجا سوداگر زمين جا امير هئا ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ٺڳجي ويون هيون.


۽ مديانين جو هٿ اسرائيل تي غالب پيو: مديانين جي ڪري، بني اسرائيل پنهنجي لاءِ جبلن ۾ چرون، ۽ غار، ۽ مضبوط پناهہ جون جايون جوڙيون.


جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ڏاڍا تنگ اچي ٿيا آهيون (ڇالاءِ جو اُهي ماڻهو ڏاڍي تڪليف ۾ هئا) تڏهن هنن پاڻ کي غارن، ۽ گهاٽن جهنگن، ۽ ٽڪرن، ۽ ڏرن، ۽ کڏن ۾ لڪايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ