Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 6:13 - Sindhi Bible

13 ۽ آسمان جا تارا زمين تي ڪِري پيا، جيئن ڪ طوفان ڪري انجير جي وڻ جو ڪچو ڦل ڪِري پوندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 آڪاش جا تارا ڌرتيءَ تي ائين ڪري پيا، جيئن زوردار هوا ۾ انجير جو ڪچو ڦر وڻ مان ڪري پوندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 آسمان جا تارا ڌرتيءَ تي ائين ڪري پيا، جيئن زوردار هوا ۾ انجير جو ڪچو ڦر وڻ مان ڪري پوندو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 آسمان جا تارا زمين تي ڪري پيا، جيئن زوردار طوفان جي ڪري انجير جي وڻ جو ڪچو ڦل ڪري پوندو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 6:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ڊاک وانگر پنهنجو ڪچو انگور ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ زيتون وانگر پنهنجو ٻور اُڇلائي ڇڏيندو.


ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.


زمين ماتم ٿي ڪري ۽ غير آباد ٿي رهي، لبنان شرمندو آهي، ۽ سڪي ٿو وڃي، شارون رڻ پٽ وانگيان آهي؛ ۽ بسن ۽ ڪرمل پنهنجا پن ٿا ڇاڻين.


۽ آسمان جو سارو لشڪر ڳري ويندو، ۽ آسمان ڪاغذ جي ويڙهيءَ وانگيان ويڙهجي ويندا: ۽ انهن جو سارو لشڪر ائين ڪومائجي ڪري پوندو جيئن ڊاک ۽ انجير جو پن ڪومائجي ڪري پوندو آهي.


۽ دائود جي گهراڻي کي ماڻهن ٻڌايو تہ ارام ۽ افرائيم پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي. تنهن تي هن جي ۽ هن جي ماڻهن جي دل ائين چُرڻ لڳي جيئن ٻيلي جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري چرندا آهن.


۽ جڏهن آءٌ توکي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڍڪي ڇڏيندس ۽ ان جي تارن کي ڪارو ڪندس؛ آءٌ سج کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ چنڊ پنهنجو سوجهرو نہ ڏيندو.


انهيءَ وڏي آواز سان هيئن چيو تہ هي وڻ وڍي ڪيراءِ، انهيءَ جون ٽاريون وڍ، ۽ پن ڇاڻ ۽ ڦر پکيڙي ڇڏ، ڀلي تہ جانور اُنهي جي هيٺان نڪري وڃن، ۽ پکي بہ اُنهي جي ٽارين مان اُڏامي وڃن.


۽ اُهو وڏو ٿيندو ويو، ۽ اهڙو جو وڃي آسمان جي لشڪر تائين پهتو؛ ۽ اُنهي لشڪر مان ۽ تارن مان، ڪن کي هن هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ انهن کي لتاڙڻ لڳو.


سج ڦري اونداهي ٿي ويندو، ۽ چنڊ بدلجي رت ٿي پوندو: اهو سڀ خداوند جي وڏي ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ کان اڳي ٿيندو.


تنهنجا سڀ قلعا انهن انجيرن جي وڻن جهڙا ٿيندا، جن ۾ پهريان پڪل انجير هجن: جي انهن کي ڪو لوڏي تہ اُهي کائيندڙ جي وات ۾ ڪِري پون.


پر انهن ڏينهن جي مصيبت کانپوءِ هڪدم سج اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو، ۽ تارا آسمان مان ڪِري پوندا، ۽ آسمان جون طاقتون لُڏي وينديون.


۽ تارا آسمان مان ڪِرندا، ۽ جيڪي طاقتون آسمان ۾ آهن سي لُڏي وينديون.


۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا، ۽ زمين تي قومن مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ اُهي سمنڊ ۽ لهرن جي گوڙ ڪري حيران ۽ پريشان ٿي وينديون.


۽ پنجين ملائڪ تري وڄائي ۽ مون آسمان مان زمين تي هڪڙو تارو ڪِريل ڏٺو: ۽ انهي کي اوڙاهہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ