Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 6:11 - Sindhi Bible

11 ۽ انهن مان هرهڪ کي هڪڙو اڇو وڳو ڏنو ويو؛ ۽ کين چيو ويو تہ اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيسين ڪ اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ڀائرن جو شمار، جي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا، پورو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 تڏهن انهن مان هر هڪ کي اڇو جبو پارايو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوهان سان گڏ سيوا ڪندڙن ۽ اوهان جي ٻين ڀائرن ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن انهن مان هر هڪ کي اڇو جبو پارايو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ٻين ڀائرن ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 انھن مان ھر ھڪ کي پاڪ صاف پھراڻ ڏنو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوھين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوھان سان گڏ خدمت ڪندڙ ۽ اوھان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوھان وانگر قتل ڪيا ويندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 6:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر تون پنهنجي واٽ وٺيو هليو وڃ، جيستائين پڇاڙي ٿئي: ڇالاءِ جو تون آرام ڪندين، ۽ انهن ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ميراث ۾ بيهندين.


۽ ڀاءُ ڀاءُ کي موت لاءِ جهلائيندو، ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي، ۽ اولاد مائٽن جي برخلاف کڙو ٿيندو، ۽ هنن کي مارائي وجهندو.


پر پڻس نوڪرن کي چيو، تہ جلدي اُچي ۾ اُچو وڳو کڻي آڻي پهرايوس؛ ۽ هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جُتي پارايوس:


هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


۽ اوهين جي ڏک سهو ٿا، تن کي اسان سان گڏ آرام ڏئي: سو اُنهي وقت جڏهن خداوند يسوع پنهنجي قدرت وارن ملائڪن سان آسمان مان ٻرندڙ باهہ ۾ ظاهر ٿيندو،


آئون چڱي ڪُشتي وڙهيو آهيان، مون پنهنجو دور آڻي پورو ڪيو آهي، آئون پنهنجي ايمان تي قائم رهيو آهيان؛


ڇالاءِ جو خدا اسان جي لاءِ اڳيئي بهتر بندوبست ڪري ڇڏيو هو، تہ هو اسان کانسواءِ ڪامل نہ ڪيا وڃن.


۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ،


ڇالاءِ جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿو ٿئي، تنهن کي بہ پنهنجن ڪمن کان اهڙيءَ طرح آرام ٿو ملي، جهڙيءَ طرح خدا پنهنجن ڪمن کان آرام ڪيو.


۽ جيڪو هميشہ جيئرو آهي، ۽ جنهن آسمان ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، ۽ سمنڊ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پيدا ڪيو، تنهن جو قسم کڻي چيائين تہ، وڌيڪ دير نہ ٿيندي!


۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ انهي ۾، يعني انهي حيوان جي بُت ۾ ڦوڪي ساهہ وجهي، تان تہ اُهو حيوان جو بُت ڳالهائي، ۽ جيترا ماڻهو انهي حيوان جي بُت جي پرستش نہ ڪن، تن کي مارائي ڇڏي.


۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ لک، تہ مبارڪ آهن اُهي مُردا جي اڄ کان وٺي مسيح ۾ ٿا مرن؛ روح چوي ٿو تہ هائو، هو پنهنجي پورهئي کان ڇُٽا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پنهنجن ڪمن جي ياداشت پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.


۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ