Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 5:10 - Sindhi Bible

10 ۽ انهن کي اسان جي خدا جي لاءِ هڪڙي بادشاهت ۽ ڪاهن ڪيو اٿيئي؛ ۽ اُهي زمين تي بادشاهي ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 تو انهن کي هڪ اهڙو راڄ بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي ايشور جي سيوا ڪري. اهي ڌرتيءَ تي راڄ ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تو انهن کي هڪ اهڙي بادشاهت بڻايو، جنهن جو هر فرد ڪاهن بڻجي اسان جي خدا جي خدمت ڪري. اهي ڌرتيءَ تي بادشاهي ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 تو انھن کي ھڪ اھڙي بادشاھت بڻايو، جنھن جو ھر فرد ڪاھن آھي، تہ جيئن ھو اسان جي خدا جي خدمت ڪري، اُھي زمين تي بادشاھي ڪندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 5:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اوهين منهنجي لاءِ هڪڙي ڪاهنن جي بادشاهت، ۽ هڪڙي پاڪ قوم ٿيندا. اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.


پر خدا تعاليٰ جي اوليائن کي بادشاهت ملندي، ۽ اُهي انهي بادشاهت جا هميشہ تائين مالڪ رهندا.


۽ بادشاهت، ۽ حڪومت، ۽ آسمان جي هيٺان سڀني بادشاهتن جي شان ۽ شوڪت خدا تعاليٰ جي اوليائن کي ڏني ويندي: هن جي بادشاهت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ بادشاهت آهي، ۽ ٻيون سڀ حڪومتون انهي جي خدمت چاڪري ۽ فرمانبرداري ڪنديون.


۽ اسان کي هڪڙي بادشاهت بنايو، ۽ پنهنجي خدا يعني پيءُ لاءِ ڪاهن ڪيو؛ انهي جي وڏائي ۽ بادشاهي شل هميشہ تائين قائم هجي، آمين.


۽ مون تخت ڏٺا، ۽ جيڪي مٿن ويٺا هئا تن کي عدالت سونپي ويئي؛ ۽ جن جون يسوع جي شاهديءَ، ۽ خدا جي ڪلام جي ڪري سسيون لاٿيون ويون هيون، ۽ جن انهي حيوان جي پرستش نہ ڪئي، نڪي سندس بُت جي، ۽ جن پنهنجي پيشانيءَ ۽ پنهنجي هٿ تي ڇاپ نہ هڻائي هئي، تن جي روحن کي ڏٺم؛ ۽ اُهي جيئرا ٿيا، ۽ مسيح سان گڏ هزار ورهين تائين بادشاهي ڪندا رهيا.


مبارڪ ۽ پاڪ اُهو آهي، جو انهي پهرينءَ قيامت ۾ شريڪ ٿو ٿئي؛ اهڙن تي ٻئي موت جو ڪوبہ اختيار نٿو هلي؛ پر اهي خدا ۽ مسيح جا ڪاهن ٿيندا، ۽ ساڻس گڏ هزارن ورهين تائين بادشاهي ڪندا.


۽ اڳتي وري رات ڪانہ ٿيندي؛ ۽ انهن کي چراغ يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي، ڇالاءِ جو خداوند خدا انهن کي روشنائي ڏيندو؛ ۽ اُهي هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي تخت تي پاڻ سان ويهاريندس، جهڙي طرح ڪ آئون پاڻ بہ غالب پيس، ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ