Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 5:1 - Sindhi Bible

1 جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ڪتاب ڏٺو، جو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو ۽ ستن مهرن سان بند ٿيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 اتي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ويڙهوٽو ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو. اهو ستن مُهرن سان بند ٿيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اتي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ويڙهوٽو ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو. اهو ستن مُهرن سان بند ٿيل هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 پوءِ مون تخت تي ويٺل جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاھران لکيل ھو. اھو ستن مُھرن سان بند ٿيل ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 5:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀني جي رويا اوهان لاءِ هڪڙي مهر لڳل بند ڪتاب جي لفظن وانگر ٿيندي، جو ماڻهو ڪنهن عالم شخص کي ڏين ۽ چون تہ مهرباني ڪري هي پڙهہ، ۽ هو چوي تہ آءٌ پڙهي نٿو سگهان؛ ڇو تہ هن تي مهر لڳل آهي:


اوهين خداوند جي ڪتاب مان ڳولي ڪڍو ۽ پڙهو: هنن ڳالهين مان هڪڙي بہ گهٽ ڪانہ ٿيندي، ۽ ڪا جوڙي کانسواءِ نہ هوندي: ڇالاءِ جو منهنجي وات اهو حڪم ڪيو آهي، ۽ هن جي روح انهن کي گڏ ڪيو آهي.


تون اها شاهدي بند ڪر، ۽ شريعت تي مهر هڻي منهنجي شاگردن کي ڏي.


۽ سانجهين ۽ صبحن وارو رويا، جو فرمايو ويو آهي سو سچو آهي: پر تون اُهو رويا بند ڪري ڇڏ؛ ڇالاءِ جو اُهو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻ واري وقت جي بابت آهي.


تڏهن مون وري اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڏس، هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي آهي.


۽ سندس هٿ ۾ هڪڙو ننڍو کليل ڪتاب هو: ۽ هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي رکيو ۽ کاٻو پير زمين تي رکيائين؛


۽ جيڪو انهي تي ويٺو هو سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو هو؛ ۽ تخت جي چوڌاري اڌنڪ هئي، جا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي هئي.


۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، ۽ جو هميشہ آباد آهي تنهن جي، جڏهن اهي جاندار تعظيم ۽ عزت ۽ شڪرگذاري ٿا ڪن،


۽ سڀڪا خلقيل شيءِ، جا آسمان ۽ زمين تي، ۽ زمين جي هيٺان، ۽ سمنڊ ۾ آهي، ۽ سڀ شيون جي انهن ۾ آهن، تن کي مون هيئن چوندو ٻُڌو تہ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي، ۽ انهي گهيٽي جي تمجيد، ۽ عزت، ۽ جلال، ۽ حڪومت شل هميشہ تائين هجي.


۽ هو آيو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ مان ڪتاب ورتائين.


۽ مون ڏٺو تہ جڏهن گهيٽي انهن ستن مهرن مان هڪڙي کولي، تڏهن انهن چئني جاندارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندو ٻُڌم تہ ”اچ.“


۽ اُهي جبل ۽ ڇپن کي چوڻ لڳا تہ اسان تي ڪِري پئو، ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي تنهن جي نظر کان ۽ گهيٽي جي غضب کان اسان کي لڪايو:


۽ جڏهن هن ستين مهر کولي، تڏهن اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ