Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 4:7 - Sindhi Bible

7 ۽ پهريون جاندار شينهن جهڙو هو، ٻيو جاندار گابي جهڙو، ۽ ٽئين جاندار جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو، ۽ چوٿون جاندار اُڏامندڙ عقاب جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پهريون ساهوارو شينهن جهڙو هو، ٻيو گابي جهڙو هو، ٽئين جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو ۽ چوٿون ساهوارو اڏامندڙ عقاب جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پهريون ساهوارو شينهن جهڙو هو، ٻيو گابي جهڙو هو، ٽئين جو منهن ماڻهوءَ جهڙو هو ۽ چوٿون ساهوارو اڏامندڙ عقاب جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پھريون ساھوارو شينھن جھڙو ھو، ٻيو گابي جھڙو، ٽئين جو منھن ماڻھوءَ جھڙو ھو ۽ چوٿون ساھوارو اڏامندڙ عقاب جھڙو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 4:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ شينهن جو ٻچو آهي؛ اي منهنجا پٽ، تون شڪار تان آيو آهين: هو شينهن وانگي ۽ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ڪير هن کي اُٿاريندو؟


سائول ۽ يونتن پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ مزي جهڙا ۽ وڻندڙ هئا، ۽ مرڻ وقت بہ هو جدا نہ ٿيا، هو عقابن کان بہ تکا هئا، هو شينهن کان بہ زور وارا هئا.


ملڪ ۾ ڏوهن هئڻ ڪري انهي جا گهڻائي بادشاهہ آهن، مگر سمجهہ ۽ علم وارن ماڻهن جي ڪري انهي جو انتظام گهڻي تائين هلندو.


پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا.


باقي هنن جي منهن جي شڪل ماڻهوءَ جي منهن جهڙي هئي: ۽ انهن چئني جو منهن سڄي پاسي شينهن جهڙو هو؛ ۽ انهن چئني جو منهن کٻي پاسي ڏاند جهڙو هو؛ انهن چئني جو منهن باز جهڙو بہ هو.


۽ انهن جي چئني پاسي سندن پرن هيٺ ماڻهوءَ جهڙا هٿ هئا: ۽ انهن چئني جا منهن ۽ پر ههڙا هئا؛


۽ هرهڪ کي چار منهن هئا: پهريون منهن ڪروبيءَ جو منهن هو، ۽ ٻيو منهن ماڻهوءَ جو منهن هو، ۽ ٽيون منهن شينهن جو منهن هو، ۽ چوٿون منهن عقاب جو منهن هو.


هرهڪ کي چار چار منهن هئا ۽ هرهڪ کي چار چار پر هئا؛ ۽ انهن جي پرن هيٺان ماڻهو جي هٿن جهڙا هٿ هئا.


پهريون شينهن جهڙو هو ۽ عقاب جهڙا پَر هئس: مون پئي نهاريو جيستائين ڪ هن جا پَر پَٽي ڇني ڇڏيائون، ۽ هو زمين کان مٿي کڄي ويو، ۽ انسان وانگر ٻن پيرن تي بيهاريو ويو، ۽ هن کي انسان جي دل ڏني ويئي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون عقاب وانگي مٿي چڙهندين، ۽ جيتوڻيڪ تنهنجو آکيرو کڻي تارن منجهہ ٺاهيل هجي، تہ بہ آءٌ اُتان توکي لاهي هيٺ آڻيندس؛


ڏس، هيءَ قوم شينهڻ وانگر اُٿي ٿي، ۽ شينهن وانگي پاڻ کي کڙو ٿي ڪري: هوءَ تيسين ڪين سمهندي، جيسين شڪار مان ڪجهہ نہ کائي، ۽ مقتول جو رت نہ پيئي.


هو هڪڙي شينهن وانگي، ۽ هڪڙيءَ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ۽ سمهي پيو؛ ڪير هن کي جاڳائيندو؟ جيڪو توکي برڪت ٿو ڏئي سو مبارڪ ٿيندو، ۽ جيڪو توتي لعنت ٿو ڪري سو لعنتي ٿيندو.


اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو.


خداوند پري کان يعني زمين جي ڇيڙي کان، هڪڙي قوم عقاب وانگر تنهنجي مٿان چاڙهي آڻيندو؛ تون انهيءَ جي ٻولي بہ ڪين سمجهندين؛


۽ تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ هڪڙو شيشي جو سمنڊ هو؛ ۽ تخت جي وچ ۾ ۽ تخت جي آس پاس، چار جاندار هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.


۽ جڏهن هن ٻي مهر کولي، تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٻئي جاندار چيو تہ ”اچ.“


۽ جڏهن هن ٽين مهر کولي تڏهن مون ٻُڌو، تہ ٽئين جاندار چيو تہ ”اچ.“ ۽ مون نهاريو ۽ هڪڙو ڪارو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جي هٿ ۾ هڪڙي ساهمي هئي.


۽ جڏهن هن چوٿين مهر کولي، تڏهن مون چوٿين جاندار کي چوندو ٻُڌو تہ ”اچ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ