Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 4:5 - Sindhi Bible

5 ۽ انهي تخت مان کنوڻيون، ۽ آواز ۽ گجگوڙيون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جي خدا جا ست روح آهن؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي ايشور جون ست آتمائون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 انھيءَ تخت مان کوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باھہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 4:5
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائينس تہ ڏس آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي ڪسدين جي اور مان ڪڍي آيس، تہ هي ملڪ توکي ورثي ۾ ڏيان.


۽ نج سون جا شمعدان، ڏيئن سميت، جي قاعدي موجب پاڪ جاءِ جي اڳيان ٻرڻ لاءِ هئا؛


اي خدا تون پنهنجي پاڪ مڪانن ۾ هيبتناڪ آهين: اسرائيل جو خدا پنهنجي ماڻهن کي زور ۽ طاقت ٿو بخشي. شل خدا مبارڪ هجي.


۽ ٽئين ڏينهن صبح جو بجلي چمڪڻ ۽ گجگوڙ ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙو گهاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو، ۽ تريءَ جو تمام وڏو آواز ٿيو، اهڙو جو منزلگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.


پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ، بجلي، تريءَ جو آواز، ۽ جبل جو دونهون ڏٺو، تڏهن ڏڪي ويا؛ ۽ پري وڃي بيٺا.


۽ تون انهن جي لاءِ ست ڏيئا جوڙج، ۽ اهي ڏيئا اهڙيءَ طرح هجن جو انهي جي سامهون سوجهرو ڪن.


۽ هن انهي جي لاءِ ست ڏيئا جوڙيا، ۽ انهن جي ڦلن لاهڻ جا چمٽا، ۽ رڪابيون نج سون جون جوڙيائين.


باقي انهن ساهہ وارن جي شڪل باهہ جي ٽانڊن جهڙي هئي، ۽ مشعلن وانگي ٿي ڏسڻ ۾ آئي؛ اُها باهہ انهن ساهہ وارن منجهہ پي چڙهي ۽ لٿي؛ ۽ اُها باهہ چمڪندڙ هئي ۽ انهي باهہ مان وڄ پي نڪتي.


۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو.


۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏيئي چيو تہ مون ڏٺو آهي ۽ ڏس تہ هڪڙو سونو شمعدان، جنهن جو پيالو سندس مٿان آهي ۽ ست ڏيئا انهيءَ ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي مٿان هر ڪنهن ڏيئي لاءِ ست نليون آهن.


تڏهن آسمان جي بادشاهت ڏهن ڪنوارين جي مثل آهي، جي ڏياٽيون کڻي گهوٽ کي گڏجڻ لاءِ نڪتيون.


آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.


۽ هنن کي باهہ جهڙيون ڄڀون ڌار ڌار ٿينديون ڏسڻ ۾ آيون؛ ۽ انهن مان هرهڪ تي هڪڙي ڄڀ اچي ويٺي.


يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛


۽ وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪيائين جهڙي شينهن گجگوڙ ڪندو آهي: ۽ جڏهن هن رڙ ڪئي تڏهن ستن گجگوڙين جا آواز ٿيا.


۽ خدا جو هيڪل، جو آسمان ۾ آهي، سو کوليو ويو؛ ۽ سندس عهد جي صندوق هيڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي؛ پوءِ کنوڻيون، ۽ آواز، ۽ گجگوڙيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ وڏا ڳڙا پيا.


۽ سرديس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ جنهن وٽ خدا جا ست روح آهن ۽ ست تارا آهن، سو هيئن ٿو چوي تہ مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي، ۽ تنهنجي نالي چوندا آهن تہ تون جيئرو آهين، پر آهين مُئل.


۽ مون انهي تخت ۽ چئن جاندارن جي وچ ۾، ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾، هڪڙو گهيٽو بيٺل ڏٺو؛ جو ڄڻ تہ ڪُٺو ويو هو، ۽ انهي کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون، جي خدا جا ست روح آهن، ۽ ساري زمين تي موڪليل آهن.


۽ انهيءَ ملائڪ اُهو خوشبودان کڻي، انهي کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري، زمين تي اُڇلائي وڌو؛ ۽ پوءِ گجگوڙيون، ۽ آواز، ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ